پوليس اهلڪارن کي سُر ۽ سازن تي تشدد ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي؟

سنڌ جا اُهي پوليس اهلڪار جن ٽيون ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي آڏو راڳ ڳائي انتهائي پرامن احتجاج ڪندڙ موسيقي جي استادن کان يڪتارا، چپڙيون ۽ باجا کسي ڀڃي ڇڏيا ۽ جن شاهه جي رسالي جو تقدس به نه ڄاتو ۽ مظاهرين کان کسي زمين تي اڇلائي ان جي بي حرمتي ڪئي آهي تن  لاءِ استاد فتح علي خان جو هي ڪلام احتجاج طور منسوب ڪجي ٿو: ”پيار نهين هي سر سي  جس ڪو، وه  مورک انسان نهين.“ سو جيڪي اهلڪار انسان ئي ناهن جيڪي سر ۽ سنگيت تي به تشدد ڪندا هجن، سازن کي اڇلائي ڀڃي ڇڏيندا هجن ۽ ان سر جو گلو دٻائي ڇڏين جنهن تي راءِ ڏياچ جهڙي بادشاهه پنهنجو سر قربان ڪري ڇڏيو هجي تنهن  سر جي توهين ڪندڙ پوليس اهلڪارن کان فوري طور تي پوليس جون ورديون لهرائي کين گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اهي پوليس جي رتبي جا اهل ئي ناهن

سو سوال اهو آهي ته جنهن سر تي وقت جي بادشاهه پنهنجو قيمتي سر ڏنو هو ۽ جنهن لاءِ استاد فتح علي خان جهڙي گويي ڪلام جي شڪل ۾ اها فتوا ڏئي ڇڏي هئي ته ”پيار نهين هي سر سي جس ڪو، وو مورک انسان نهين.“ تن کي ساز ڀڃڻ ۽ ڀٽائي صاحب جي  رسالي جي توهين ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ سنڌ حڪومت کي ان جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته  بقول تعليم جي صوبائي وزير سردار شاهه جي ته پرامن طريقي سان راڳ ڳائي احتجاج ڪرڻ جو موسيقي جي استادن جو جمهوري حق هو.

اها به حقيقت آهي ته سر ۽ سنگيت سان سلهاڙيل مظاهرين نه حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ وڃي رهيا هيا نه ئي امن امان کي خراب ڪري رهيا  نه ئي ڪي وڳوڙي هيا ته پوءِ پوليس مٿن تشدد ڇو ڪيو، رپورٽن موجب سنڌ ۾ موسيقي جي استاد اميدوارن ٽيون ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي آڏو راڳ ڳائي انتهائي پرامن احتجاج ڪيو پر پوءِ به پوليس ڏهن اميدوارن کي گرفتار ڪري سندس يڪتارا،  چپڙيون ۽ باجا کسي کڻي وئي جن کي بعد ۾ بهرحال آزاد ڪيو ويو. آزادي ماڻڻ کان پوءِ ميوزڪ ٽيچر اميدوارن جي اڳواڻ ڪامران چانڊيي چيو ته اسان وٽ ڪو هٿيار نه پر يڪتارو ۽ ساز هئا پر پوءِ به پوليس اهلڪارن اسان تي تشدد ڪري ساز ڀڃي ڇڏيا. هن چيو ته صوبائي وزير سردار شاهه جو ٻيهر ٽيست وٺڻ وارو بيان سمجهه ۾ نٿو اچي. اسان کي 40 ڏينهن ۾ جوائننگ لاءِ ڇو چيو ويو هو؟ هن اعلان ڪيو ته سومر جي ڏينهن سڄي سنڌ جا راڳي ۽ قوم پرست ڪارڪن اسان جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيندا ۽ پوءِ گڏجي احتجاج ڪنداسين. ٻئي پاسي ميوزڪ ٽيچرز جي احتجاجي ڪيمپ تي ايڪتا لاءِ آيل جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته 90 هزار استاد ڀرتي ڪندڙ تعليم کاتي 300 ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي. هن چيو ته مظاهرين جي هٿن مان ڀٽائي جي رسالي کي کسي زمين تي اڇلائڻ واري پوليس اهلڪارن جي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. ٻئي پاسي تعليم جي  وزير سردار شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته  پ پ جي گذريل حڪومت ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ٿرڊ پارٽي ذريعي ميرٽ تي استاد ڀرتي ڪيا ويا پر عدالت اهو ڀرتين جو عمل ختم ڪيو هاڻي متاثر ٿيل اميدوارن کي سپريم ڪورٽ وڃڻ گهرجي، باقي احتجاج ڪرڻ سندن جمهوري حق آهي پر هي عدالتي معاملو آهي حڪومت عدالتي فيصلي اڳيان بي وس آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اميدوار چاهين ته حڪومت نئين سر ڀرتين جو اشتهار ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر نئين سر ڀرتين سان اميدوارن جي عمر جو مسئلو ٿيندو.

 هيءَ رپورٽ هتي ان ڪري رکي پڙهائي پئي وڃي ته جيئن پڙهندڙن کي اندازو ٿئي ته ڪيڏي نه معمولي ڳالهه تي پوليس اهلڪارن سر ۽ سنگيت تي تشدد ڪري سندن ناقابل برداشت ۽ مجرماڻي توهين ڪئي آهي. هاڻي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اهي موسيقي جا اميدوار استاد اعلانيل احتجاج وري سومر ڏينهن ڪندا ته ڇا وري پوليس هٿان مٿن تشدد ڪرايو ويندو؟  سو پنهنجو اهو خيال آهي ته جيئن تعليم جي وزير سردار شاهه هڪ بيان جاري ڪري موسيقي جي استادن سان مخاطب ٿيو  آهي تيئن کيس پنهنجي آفيس اندر اهڙو انتظام ڪرڻ گهرجي جو اتي انهن موسيقي جي استادن کي گهرائي ساڻن ڳالهايو وڃي ۽ اها به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته بجاءِ ان جي ته اهي استاد پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ وڃي عدالتي فيصلي کي چئلنج  ڪن بهتر اهو ٿيندو ته سنڌ حڪومت پاڻ انهن استاد اميدوارن جي نمائندگي ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ ان فيصلي کي چئلنج ڪري ۽ استادن کي پوسٽنگ آرڊر جو حق ڏياري. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به جمهوري ۽ عوامي حڪومت  جو اهو ئي فرض آهي ته اها عوام جي نمائندگي ڪري، انهن جي مسئلن ۽ ارمانن جي نبض تي هٿ رکي ڪم ڪري ته جيئن عوام کي اهو احساس ٿئي ته حڪمران واقعي سندن خدمت گار آهن.

 اها به حقيقت آهي ته پاڻ پ پ جي  حڪومت ئي موسيقي جا ڪلاس هلائڻ جو ۽ ان لاءِ موسيقي جا استاد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. اميدوار استادن ته ڀرتين لاءِ سڀ گهرجون پوريون ڪيون ۽ ميرٽ تي پاس به ٿيا پر جيڪڏهن عدالت اهو  ڀرتين جو عمل ختم ڪيو ته ان ۾ اميدوار استادن جو ته ڏوهه ناهي جو انهن تي به پوليس اهلڪارن کان تشدد ڪرائجي. سو سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهڙن پوليس اهلڪارن کي سزا ڏئي کين نوڪرين تان برطرف ڪري جن وٽ ڀٽائي جي رسالي، سر سنگيت  ۽ سازن جو قدر ناهي. جيڪڏهن حڪومت اهڙن پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته ايئن سمجهيو ويندو ته شاهه ڀٽائي جي رسالي جي بي حرمتي ۽ سازن کي ڀڃائڻ ۾ حڪومت به ملوث آهي تنهن ڪري سرڪار کي ان معاملي جو ازالو ڪرڻو پوندو. آءِ جي پوليس کان پوليس اهلڪارن جي ان ڪڌي عمل تي معافي وٺائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.