ڳڙهي خيري ڀرسان قبائلي تڪرار تان فائرنگ، 2 سڳا ڀائر قتل

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) تعلقي ڳڙھي خيرو جي  محمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ شادي سناڻي جکراڻي ۾ جکراڻي برداري جي سيواڻي ۽ سناني ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، سيواڻي ڌُر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن ذاڪر سناني جکراڻي ۽ شرف الدين سناني جکراڻي  قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پُھتي ۽ مقتولن جي لاشن کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، مقتول جي وارثن مقتول جي لاشن کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ ڊاڪٽرن جي ٽيم کي گھرائي مقتولن جي پوسٽ مارٽم ڪرائي بعد ۾ مقتولن جي لاشن کي وارثن حوالي ڪيو ويو ، مقتولن جا مڙهه هٿيارن جي ڇانوَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، عوامي آواز طرفان رابطو ڪرڻ تي محمدپور پوليس ٻڌايو ته جکراڻي برادري سھراب سناڻي ۽ نظام الدين سيواڻي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿيابندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو آھي، گوليون لڳڻ سبب 2 ڀائر ذاڪر سناني جکراڻي  ۽ شرف الدين سناني جکراڻي  قتل ٿي ويا، مقتول جي پيءُ حيرالدين سناني ٻڌايو ته اسان جو سيواڻي سناني ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سان ڪوبه واسطو نه هو اسين سناني ڌُر کان بيزاري ڏنو هوسين ظالمن ٻن پٽن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي،  ڊي آءِ جي  لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ياد رهي ته جکراڻي برادري جي سناڻي ۽ سيواڻي ڌرين پسند جي شادي پراڻي معاملي سيواڻي ڌُر جي پنج ڄڻن  ۽ سناڻي ڌُر جي 6 ڄڻن سميت 11 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن ۽ 6 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيل آهن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.