اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايڊووڪيٽ ايمان زينب مزاري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر خلاف، جسٽس ثمن رفعت امتياز کي هراساني روڪ ڪميٽي جي سربراهي تان هٽائڻ تي، سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ٻي شڪايت داخل ڪئي آهي. جسٽس ثمن رفعت امتياز، ايمان مزاري پاران چيف جسٽس ڊوگر خلاف شڪايت تي نوٽيس ورتو، جنهن بعد عدالت جي انتظامي عملي، گذريل ڏينهن سندن اختياري حيثيت ختم ڪري ڇڏي، ۽ ان جي جاءِ تي جسٽس انعام امين منهاس کي مقرر ڪيو ويو. گذريل هفتي، جسٽس ڊوگر ايمان مزاري کي توهين عدالت جي ڪيس جي ڌمڪي ڏني هئي . ان واقعي کان پوءِ ايمان مزاري هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪم جي جاءِ تي هراسانی روڪ ڪميٽي ۾ ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ جسٽس ڊوگر خلاف بدانتظامي جو ريفرنس داخل ڪيو. سماجي پليٽفارم "ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ ايمان مزاري چيو ته، هن گذريل ڏينهن پيش آيل ” ڳڻجي جوڳي واقعي” بعد، پنهنجي پهرين شڪايت ۾ وڌيڪ اضافو جمع ڪرايو آهي. سندس چوڻ هو ته، جسٽس ثمن رفعت امتياز کي شڪايت داخل ڪرڻ کان چند ڪلاڪن اندر ئي "من ماني ۽ بدنيتي” سان مجاز اختيار تان هٽايو ويو، ۽ ان معاملي جي جاچ لاءِ هڪ نئين ڪميٽي ٺاهي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.