27هين ترميم ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي اجازت نه ڏينداسين\وسند ٿري

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جي خالق آهي، امڪاني 27هين ترميم ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ مرڪزي نائب صدر نوراحمد ڪاتيار، راحيل ڀٽو، ڪاشف ملاح، حسنا راهوجو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسٽبلشمينٽ موجوده حڪومت کي ڪوڙي اليڪشن ذريعي چونڊرائي ان ڪري آندو ته جيئن ان کان ملڪ ۾ شامل ايڪائن ۽ قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ جا سمورا قانون ٺهرايا وڃن ۽ فيصلا ورتا وڃن، 26 هين آئيني ترميم کان پوءِ اينٽي دهشتگردي جو ايڪٽ آندو ويو، سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پيڪا ايڪٽ آندو ويو، هن چيو ته سنڌ گهڻ طرفي گهيري هيٺ آهي، حڪمران سنڌ جا وسيلا ائين ڦري لٽي رهيا آهن، جيئن سنڌ کين مالِ غنميت ۾ هٿ آئي هجي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلٽيشن ڪائونسل جي ڪاري قانون ذريعي سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين گرين پاڪستان منصوبن، عرب ڪمپنين سميت ٻين مختلف ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي سازش، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن، ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ معدني وسيلن جي نيلامي خلاف عوامي تحريڪ طرفان 24 سيپٽمبر 2025  حيدرآباد ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ سياسي، سماجي ڌرين، اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، استادن، شاگردن، هارين ۽ مزدور اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون وينديون ۽ گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو. جڏهن ته عوامي تحريڪ طرفان 28 سيپٽمبر تي ڌاڙيل راڄ، سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ لاقانونيت خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ سنڌ جي محب وطن ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.