اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته جسٽس جهانگيري جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هن پنهنجي ۽ ٻين ججز کي هراسان ڪرڻ بابت لکيل خط ۾ حصو ورتو۽ بطور سربراهه اليڪشن ٽربيونل، اسلام آباد جي چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي منصفاڻي تحقيقات شروع ڪئي. پهرين کيس ٽربيونل مان هٽايو ويو ۽ هاڻي کيس جج جي حيثيت سان هٽائڻ جي واضح ڪوشش ڪئي پئي وڃي،هن ٽوئيٽر تي لکيو ته ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن اوهان کي هراسان ڪيو وڃي ته اوهان کان اها ئي توقع ڪئي وڃي ٿي ته اوهان خاموش رهندا، ظلم سهلندا ۽ ڪنهن به معاملي ۾ انصاف نه ڪندا جتي اوهان کي روڪيو ويو آهي۔ يعني پنهنجي حلف کان به منهن موڙيو ۽ الله پاڪ جي انصاف ڪرڻ واري حڪم کي به پاسي تي رکو، ڇوته ”اسان جو حڪم“ ئي افضل آهي۔ٻنهي صورتن ۾ اها غرور ۽ تکبر جي انتها آهي ۽ قدرت جي قانون ۾ تڪبر جو انجام ڪڏهن به لڪل ناهي رهيو۔اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته جسٽس طارق جهانگيري، جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ جيل جون صعوبتون سٺيون هيون، کيس شايد ڪڏهن خبر به نه هئي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ به کيس ساڳئي قسم جي آمراڻي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويندو۔ هن فيصلي جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي.