اسلام آباد (زاهد گشڪوري) صدر پاڪستان جي آفيس ۾ اهم تبديلي اچي وئي آهي، جتي 22 گريڊ جي سيڪريٽري محمد شڪيل ملڪ کي هٽائي ان جي جاءِ تي انعام الله ڌاريجو کي مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب شڪيل ملڪ خلاف آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ گريڊ 21 جي عورت آفيسر پاران هراسمينٽ جي لکت ۾ شڪايت ڪئي وئي هئي، جيڪا صدر جي ملٽري سيڪريٽري ۽ خاتون اول، قومي اسيمبلي ميمبر آصفا ڀٽو زرداري ڏانهن پڻ موڪلي وئي هئي. عورت دانهيو ته سيڪريٽري منهنجي ڪمري ۾ اچي منهنجي منهن تي فائل اڇلائي هنيو ۽ هراسان ڪيو. ان ڄاڻ کي ڳجهو رکيو ويو هو. ان کانسواءِ ٻن وڌيڪ عورتن به اهڙيون شڪايتون ڪيون هيون پر اهي لکت ۾ نه هيون، جنهن تي نيٺ طاقتور سمجهئي ويندڙ شخص شڪيل ملڪ کي عهدي تان هٽايو ويو. محمد شڪيل جي تازو رٽائرمينٽ کانپوءِ صدر کيس واڌ ڏني هئي. محمد شڪيل ملڪ کي هاڻي سروسز ٽريبيونل جو ايم پي ون ۾ ميمبر بڻايو ويو آهي يعنيٰ کيس ٻي چارج ڏني وئي آهي.