سنڌ ۾ فيبروري تائين جي ڪڻڪ موجود ، مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي\مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  اعلان ڪيو آهي ته صوبي وٽ فيبروري جي پڄاڻي تائين ڪڻڪ وڏو ذخيرو موجود آهي جڏهن ته نئين ڪڻڪ مارچ ۾ دستياب ٿيندي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو خوراڪ بابت صلاحڪار جبار خان، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري عبد الرحيم شيخ، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو ۽ ٻيا اهم عملدار شريڪ هئا جڏھن ته صوبائي وزير آبپاشي جام خان شورو ۽ زراعت وارو وزير محمد بخش مهر ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت سنڌ وٽ 13 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي. وڏي وزير جي سوال تي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ گڏيل طور هر مهيني ڪڻڪ جي ضرورت 4 لک ٽن آهي جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ وڌيڪ 6 لک ٽن ڪڻڪ دستياب آهي. وڏي وزير چيو ته موجوده ذخيرا صوبي کي فيبروري 2026 تائين سنڀالڻ لاءِ ڪافي آهن.  . وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اٽي جي قيمتن جي سخت نگراني ڪئي وڃي ته جيئن موجوده ذخيرا هوندي به ڪنهن غيرضروري واڌ کان بچي سگهجي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.