مختلف درياهن جو پاڻي هزارين ميلن جوطويل سفر طئي ڪري سنڌو درياه مان گذري پنهنجي آخري منزل سمنڊ ڏانهن وڃي رهيو آهي. سنڌ جو سوين ميل ڪچي وارو علائقو پنجن درياهن جي پاڻي کي گذاري رهيو آهي. سنڌ پڇڙي ۾ هجڻ جي ڪري انهن پنجن ئي درياهن جي تيز لهرن جو هڪڙوئي قدرتي گس آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ کي سدائين ننڍي توڙي وڏي ٻوڏ لاءِ تيار رهڻو آهي. پنجاب جي ”پنجند“ وٽ پنجن ئي درياهن ستلج،راوي، چناب،جهلم ۽ خود سنڌوءَ جو پاڻي گڏ ٿي، ڪوٽ مٺڻ کان ٿيندو گڊوبئراج وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي. جيستائين اهو پاڻي سمنڊ جي اندرڇوڙ ن ڪندو آهي تيستائين سنڌ وارن جو ساهه مٺ ۾ هوندو آهي.
پنجاب مان گذرندڙ درياهن ۾ پاڻي جي غيرمعمولي واڌ جي ڪري پنجاب جي هيڊورڪس، بئراجن تي سخت دٻاءُ هجڻ ۽ انهن جي لڙهي وڃڻ جي ڊپ کان پنجاب جي حڪومت ڪيترن ئي بندن کي مصنوعي طريقن، يعني ”بم ڌماڪا“ ڪري ٽوڙي،پاڻي جي ذور ۾ گھٽتائي ڪري صوبي جي ڪجهه بئراجن ۽ اهم شهرن کي ٻڏڻ کان بچايو آهي، پر ان جي ڪري ٻيا ڪيترائي غير اهم شهر ۽ علائقا ٻڏي ويا. جتان لکين ماڻهن کي عارضي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي آهي.پاڻي جي انهي ذور ٽٽڻ جي ڪري پاڻي جي واڌ ۾ خاطرخواه گھٽتائي ٿي آهي جنهن جو سنڌ کي فائدو پهچي رهيو آهي.
سنڌو درياءَ، دنيا جي سڀ کان وڏن دريائي نظامن مان هڪ آهي، تقريبن 7,000 ڪلوميٽر ٻوڏ کان بچاءُ وارن بندن ۽ تقريبن 1,400 اسپرن ۾ وڪوڙيل آهي. سنڌ ۾ درياهه ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين پوري سنڌ کي سيراب ڪري ٿو. 1842 ۾ جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيوت سنڌ کي زرخيز بنائڻ لاءِ اناج پيدا ڪرڻ لاءِ 1943 ۾ ئي ٻيلن ۽ آبپاشي جي محڪمن جو بنياد رکيو. 1860 ۾ درياهه جي پاڻي کي قابو ۾ آڻڻ لاءِ ان جي ٻنهي پاسن کان بند ٻڌڻ جي شروعات ڪئي وئي جيئن سنڌ جي ڇڙ وڇڙ پاڻي کي زرعي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اڳتي هلي 1932 ۾ سکربئراج جي تعمير مڪمل ڪئي وئي. جنهن سان سنڌ ۾ درياه جي پاڻي جي رسد کي زراعت لاءِ ڪم آڻڻ جي شروعات ڪئي وئي. ان سان سنڌ ۾ زراعت جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي ترقي ٿي، درياه جي وچ واري علائقي کي ”ڪچي“ جو نالو ڏنوويو.
آبپاشي جي ماهرن،درياهه سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏ واري پاڻي جي ٽن حصن ۾ درجابندي ڪئي آهي.50 هزار کان هڪ لک ڪيوسڪ واري وهندڙ پاڻي کي عام ٻوڏ سڏيوآهي. ان سان ڪچو بلڪل محفوظ رهندو آهي. هڪ لک کان ٻه لک ڪيوسڪ تائين وهڪرو وهي ته ان سان ڪچي جو صرف 10 سيڪڙو ايراضي پاڻي هيٺ اچي ويندو، ٻن کان ٽن لکن ڪيوسڪ واري پاڻي سان ڪچي جو 20 سيڪڙو متاثر ٿيندو، جيڪڏهن درياهه ۾ 4 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ اچي ت ان سان 35 کان 40 سيڪڙو ڪچو پاڻي هيٺ اچي ويندوجنهن سان فصلن ۽ گھرن کي نقصان پهچندو. 5 لکن کان مٿي پاڻي اچڻ سان 60 کان 70 سيڪڙو ايراضي پاڻي هيٺ اچي ويندي. 7 لک ۽ ان کان وڌيڪ ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري اچڻ جي صورت ۾ ڪچي جو 90 سيڪڙو حصو ٻڏي ويندوآهي.
سنڌ جو ڪچي وارو علائقو جيڪو ڪشمور کان درياه جي پڇاڙ يعني ڊيلٽا تائين اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ 20 لک 11 هزار 2سوءَ ايڪڙ ايراضي اچي وڃي ٿي. جنهن مان 10 لک ايڪڙ زمين زرعي استعمال هيٺ آهي. 6 لک ايڪڙ درياه جي وچ وارو حصو آهي. 4 لک 50 هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زير استعمال آهي. باقي بچيل 50 هزار ايڪڙ زمين ڍنڍون، ڳوٺ وغيره اچي وڃن ٿا جتي ڪاب پوک ن ٿي ٿئي.
اڄ کان 50 سال اڳ ڪچي جي علائقي م ساڍا ست لک ماڻهو آباد هئا، جتي هاڻي ڪچي ۾ رهندڙن جو تعداد 35 لکن کان ب وڌيڪ آهي. جيڪو تعداد دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان ب وڌيڪ آهي جن ۾ڪويت،قطر،بحرين، بوسينا هورزگينيا، جميڪا،آرمينيا، لٿونيا، ماريطانيا، موناڪو،جبرالٽر، البانيا،لڪسمبرگ،مالديپ،برونائي،ڀوٽان،گرينڊا،باربادوس،سميت اٽڪل 70 ملڪن کان ب سنڌ جي ڪچي واري علائقي جي آبادي وڌيڪ آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق 17 لک 80 هزار کان ب وڌيڪ ڪچي جي ايراضي بااثرجاگيردارن جي قبضي هيٺ آهي. جتي سندن ”ڪيٽيون“ ڍنڍون،پڪا خانگي گهر،ٽيوب ويل، توڙي غير قانوني بند ٻڌائي پوکي ٿي رهي آهي. اڄ کان 45 سال اڳ ڪچي ۾ 42 سيڪڙو ايراضي تي ٻيلا هئا، اتي هاڻي زرعي زمين جي پوکيِءَ جي ڪري ٻيلن جو تعداد صرف 5 سيڪڙو کان ب گھٽ آهي جنهن ڪري درياھ جو قدرتي نظام سخت متاثر ٿي رهيوآهي.
سنڌ جي ٻيلي کاتي طرفان ”درياهي ٻيلن“ جي واڌ لاءِ 2004 ۾ ”ايگرو فاريسٽ ليز پاليسي“ متعارف ڪرائي وئي. جنهن تحت ڪچي جي هزارين ايڪڙ زمين ليز تي ڏني وئي ان تحت هزارين ماڻهن ان مان فائدو وٺي، وڏي مقدار ۾ زمين ليز تي حاصل ڪئي، جن طرفان زرعي زمينون آباد ڪرڻ، ٻيلا ڪٽڻ سان،زمينداري بندن جي غيرقانوني اڏاوتن، جي ڪري سنڌو مان سولائي سان پاڻي جي گذرڻ ۾ رڪاوٽون اچڻ شروع ٿيون.
ان کانسواءِ سنڌو درياه تي اڏيل نئين پلين خاص طورتي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور کي ملائيندڙ پل جيڪا 1.22 ڪلوميٽرن تي آهي، جڏهن ت اتي درياه جو پيٽ، ٻن بندن جي وچم ڪچو 13 ڪلوميٽر آهي. اهڙي طرح قاضي احمد ۽ آمري واري پل 1.32 ڪلوميٽرن تي اڏيل آهي جتي درياهه جو ڪچو ايريا 9 ڪلوميٽر ويڪرو آهي. درياه جي مٿان اڏيل انهن پلين جا ٿنڀا ۽ درياه جو پيٽ سوڙهو ٿي وڃڻ جي ڪري پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽون اچن ٿيون. جيئن 2010 ۾ سکر کان ڪوٽڙي بئراج تائين پاڻي جي پهچڻ ۾ 400 ڪلاڪ لڳا هئا. جيڪو عام وهڪرو پلين جي اڏاوتن کان پهرين، رڪاوٽون ن هجڻ جي ڪري سکر کان ڪوٽڙي بئراج تائين 72 ڪلاڪن ۾ پهچندو هو.
فطرت جي ڄاڻيندڙن جو چوڻ آهي ته ٻوڏون ڪي اسان جون دشمن نه آهن، پر اها انسانن جي غير فطري مداخلت آهي جنهن انهيءَ نيڪي واري غنيمت کي بدي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته هزارين سالن تائين، انسان ۽ درياهن مان وهندڙ پاڻي هڪ ٻئي سان گڏ رهندو پي آيو پر جڏهن انهن فطرت سان هٿ چراند ڪئي ته ان جي ڪري ئي کين هاڻي ڀوڳڻو پئجي رهيوآهي. ٻوڏ جو اچڻ ڪو ڏوهه ناهي. ٻوڏ جي آفتن کي منهن ڏيندڙ منتظم ئي ان جا جا ذميوارآهن.پاڪستان ۾ ٻوڏن جي اچڻ واري انتظام ڪاري کي ئي بهتر بڻائڻو پوندو.انهيءَ جا قوي امڪان آهن ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت بندن جي حفاظت کي يقيني بڻائي عظيم سنڌوءَ جي مٺي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچايو ته ڪوبه وڏو مالي ۽ جاني نقصان نه ٿيندو.
فطرت جي ڄاڻيندڙن جو چوڻ آهي ته ٻوڏون ڪي اسان جون دشمن نه آهن، پر اها انسانن جي غير فطري مداخلت آهي جنهن انهيءَ نيڪي واري غنيمت کي بدي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته هزارين سالن تائين، انسان ۽ درياهن مان وهندڙ پاڻي هڪ ٻئي سان گڏ رهندو پي آيو پر جڏهن انهن فطرت سان هٿ چراند ڪئي ته ان جي ڪري ئي کين هاڻي ڀوڳڻو پئجي رهيوآهي. ٻوڏ جو اچڻ ڪو ڏوهه ناهي. ٻوڏ جي آفتن کي منهن ڏيندڙ منتظم ئي ان جا جا ذميوارآهن.پاڪستان ۾ ٻوڏن جي اچڻ واري انتظام ڪاري کي ئي بهتر بڻائڻو پوندو.انهيءَ جا قوي امڪان آهن ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت بندن جي حفاظت کي يقيني بڻائي عظيم سنڌوءَ جي مٺي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچايو ته ڪوبه وڏو مالي ۽ جاني نقصان نه ٿيندو.