پاڪستان ايشياڪپ جي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڀارت جي اختيار ڪيل غير اخلاقي رويي جو نوٽيس وٺندي آءِ سي سي کي لکت ۾ شڪايت ڪئي آهي ته پاڪ ڀارت ميچ دوران ٽاس جي وقت آءِ سي سي جي مقرر ڪيل ريفري پيڪرافٽ پاڪ ٽيم جي ڪپتان سلمان آغا کي ڀارت جي ڪپتان سان هٿ نه ملائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايئن ميچ ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪرڪيٽ جي ڀائيچاري کي نظر ۾ رکندي کٽندڙ ٽيم هارايل ٽيم جي رانديگرن سان هٿ ملائيندي آهي. جيڪا روايت به نظر نه آئي. تنهن ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقويءَ آءِ سي سي کي ان واقعي تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ هڪ خط لکيو آهي ۽ چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ميچ ريفري پيڪرافٽ کي فوري طور نه هٽايو ويو ته پاڪستان ايشيا ڪپ جون وڌيڪ ميچون نه کيڏندو. هن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ميچ ريفريءَ ڪرڪيٽ جي روح جي خلاف قدم کنيو آهي ۽ آءِ سي سي جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ان واقعي بابت ٽورنامينٽ جي ڊائريڪٽر اينڊي رسل چيو آهي ته اسان کي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان هدايتون مليون آهن ۽ اهو به چيو ته بورڊ کي وري ڀارتي حڪومت جون هدايتون هيون.
هونئن ته پاڪستان جو وڏي عرصي کان اهو خيال آهي ته آءِ سي سي (يعني انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل) جيڪا ڪرڪيٽ جا عالمي قانون ٺاهيندي ۽ لاڳو ڪندي آهي ۽ ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز توڙي ٽورنامينٽ جا شيڊول طئي ڪندي آهي تنهن تي ڀارت ڪرڪيٽ بورڊ جو اثر رسوخ ڪجهه گهڻو ئي آهي. پر هاڻي پاڪستان جو اهو تاثر باقاعدي عالم آشڪار ٿي چڪو آهي يعني ڀارت جي سياسي مداخلت واضع طور تي نظر اچڻ لڳي آهي خاص طور تي هن سال پاڪستان سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ ۽ ان ۾ شڪست ماڻڻ کان پوءِ ڀارت ڪرڪيٽ جي ميدان کي به ٻنهي ملڪن جي ساڳي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو جنهن جو عملي مظاهرو دبئي ۾ هلندڙ ايشياڪپ جي اخلاقي روايت، ڀاپيچاري ۽ ماحول کي خراب ڪيو ويو آهي پر آءِ سي سي کي به ان جنگ ۾ هڪ ڌر بڻايو ويو آهي ۽ آءِ سي سي جيڪو بظاهر غير جانبدار ۽ ڪرڪيٽ جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ جو ادارو آهي سو ظاهر ظهور تي پاڪستان جي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جو ونگاري نظر آيو آهي جنهن خود آءِ سي سي جي اداري کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. ايئن هاڻي پاڪ ڀارت جي ڪرڪيٽ جي ٽيمن ۾ به ڇڪتاڻ ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ جي جنگ ڇڙي چڪي آهي جنهن ۾ سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته آءِ سي سي جيڪو غير جانبدار ادارو آهي سو ڀارت جي سياسي مداخلت کي آفيشلي قبول به ڪري رهيو آهي. آءِ سي سي جي نمائندگي ڪندڙ ٽورنامينٽ جو ڊائريڪٽر ۽ ريفري پاڻ تسليم ڪري رهيا آهن ته انهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي چوڻ تي پاڪستان جي ڪپتان کي منع ڪيو ته ڪپتان سان هٿ ناهي ملائڻو.
هاڻي جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جيڪو ساڳي وقت پاڪستان جي حڪومت ۾ گهرو وزير به آهي تنهن آءِ سي سي کي جيڪو چتاءُ ڏنو آهي ته ميچ ريفري کي نه هٽايو ويو ته اسان ايشياڪپ ۾ وڌيڪ نه کيڏنداسين سو ردعمل به ايشياڪپ ٽورنامينٽ کي ختم نه ته متاثر ضرور ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن آءِ سي سي پاڪستان جو مطالبو نه مڃيو ۽ ان ردعمل ۾ پاڪستان ٽورنامينٽ جو بائيڪاٽ ڪري ٿو ته ڪرڪيٽ جي عالمي برادري به ان فيصلي سان اڳتي هلي به متاثر ٿي سگهي ٿي. ڀارت ان قسم جي غير سنجيدگي جو مظاهرو پاڪستان ۾ ٿيل چيمپينز ٽرافي ۾ به ڪري چڪو آهي جڏهن ان پنهنجي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ کان صاف جواب ڏيندي دبئي ۾ کيڏڻ جي شرط رکي جيڪا به آءِ سي سي قبول ڪئي هئي. جڏهن ته باقي سڀ ٽيمون پاڪستان کيڏڻ آيون هيون. ان ردعمل ۾ پاڪستان به فيصلو ڪيو ته پوءِ اهو به اڳتي ڀارت سان ڀارت ۾ ڪڏهن نه کيڏندو ۽ اهو به ڪنهن نيوٽرل گرائونڊ تي ڀارت سان کيڏندو. هاڻي وري ڀارت جيڪا ايشياڪپ ۾ حرڪت ڪئي آهي سا ايندڙ ورلڊ ڪپ جي ٽورنامينٽ تي به گهرا ڇڪتاڻ وارا اثر ڇڏي سگهي ٿي جيڪي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ناقابل برداشت سمجهيا ويندا.
اسان ان حوالي سان پهرين به ايڊيٽوريل لکيو هو ته ڀارت جي انتهاپسند حڪمران جماعت جي انتهاپسند وزيراعظم نريندر موديءَ نه رڳو پاڪ ڀارت جي لاڳاپن ۾ انتهاپسندي ۽ ڇڪتاڻ وڌائي ڇڏي آهي پر ان سياسي انتهاپسندي ۽ ڇڪتاڻ سان ڪرڪيٽ جي فضا کي به تڪراري ۽ انتهاپسندي بڻائي ڇڏيو آهي. ٻيو ته ڇڏيو خود آءِ سي سي کي به ان جنگي ڇڪتاڻ ۾ ملوث ڪري ڇڏيو آهي. تازيون رپورٽون آهن ته آءِ سي سي پاڪستان جو ميچ ريفري کي هٽائڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي پاڪستان ايندڙ حڪمت عملي تي سوچڻ شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن پاڪستان ايشيا ڪپ جو بائيڪاٽ ڪري ٿو ته اهو ڪرڪيٽ لاءِ ۽ ايشياڪپ لاءِ ڪارو ڏينهن هوندو.
اهڙن واقعن، سانحن ۽ حادثن کان بچڻ جو حل اهو آهي ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ۾ سياسي مداخلت کي رد ڪري ۽ اهڙي اڳرائي ڪندڙ ملڪي ٽيم خلاف سخت ڪارروائي ڪري نه ڪي ڪنهن ملڪ جي ونگار وهي. اهو ئي بهتر طريقو آهي ته آءِ سي سي کي جرئتمنداڻي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي ۽ ان کي غير جانبداراڻو ڪردار ادا ڪري ڪرڪيٽ جي عالمي برادري کي ڇڪتاڻ، تڪرار ۽ سياسي مداخلت کان بچائي سگهي ٿو. دنيا جي ٻين ڪرڪيٽ جي ملڪن کي به آءِ سي سي کان غير جانبداري ۽ خود مختياري جو مطالبو ڪرڻ گهرجي اهو ئي مسئلي جو آخري حل آهي.