ڪچي مان وڌيڪ 35سئو ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان  هڪ بيان ۾ چيو آهي  ته گڊو ۽ سکر ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ آهي جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صوبي ۾ 3,522 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، اهڙي طرح محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيندڙن جو ڪل تعداد هاڻي تائين 1,73,027 تائين پهچي ويو آهي. انهن مان 469 ماڻهو اڃا تائين رليف ڪئمپن ۾ رهائش پذير آهن. هن چيو ته صوبي ۾ 183 مقرر ۽ موبائل صحت گاڏيون ڪم ڪري رهيون آهن جتي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4,174 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ علاج حاصل ڪندڙ ماڻهن جو ڪُل تعداد 92,958 تائين پهچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.