لاهور (م ڊ) موسميات کاتي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت 10 وڏن شهرن ۾ ڊينگي جي وبا وڌڻ جي امڪان بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، 20 سيپٽمبر کان ڊينگي وڌڻ جو خطرو آهي، جنهن تحت عوام کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، موسميات کاتي ٻڌايو ته تازين برساتن ۽ پاڻي بيهڻ سبب ڊينگي مڇر جي واڌ لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيو آهي، جنهن ڪري وڏا شهر سخت خطري هيٺ آهن، هن سال ڊينگي جي سڀ کان شديد ڦهلاءُ جو خدشو موجود آهي.