ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمهوريت جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ 15 سيپٽمبر پوري دنيا ۾ يومِ جمهوريت طور ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته جمهوريت عوام جي آواز آهي ۽ ان جي حفاظت سڀني تي لازم آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي جدوجهد هميشه عوامي حڪمراني ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ لاءِ رهي آهي. جمهوري ادارن جي مضبوطي ملڪ جي استحڪام جي ضمانت آهي، ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي پيپلز پارٽي جي تاريخي قربانين جو نتيجو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته عوام جي حقِ حڪمراني کي يقيني بڻائڻ ئي حقيقي جمهوريت آهي ۽ سنڌ حڪومت جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. پيپلز پارٽي سدائين آئين، پارليامينٽ ۽ عوامي حاڪميت جو دفاع ڪيو آهي