رحيم يار خان (عوامي آواز نيوز) موٽر وي تان اغوا ڪيل مغوين جي ڌاڙيلن ٻيهر سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، ڌاڙيلن طرفان 11 مغوين مان ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، وائرل وڊيو ۾ مغوي دانهون ڪري رهيا هئا ته 11 مغوين مان ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي، ٻوڏ جي پاڻي ۾ بيٺل مغوين دانهون ڪندي چيو ته ڌاڙيلن جي گرفتار ڪيل ساٿي کي آزاد ڪري اسان کي ڇڏرايو وڃي، اسان جي حياتين کي خطرو آهي.