وزيراعظم پاران ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان،هڪ مثبت قدم

تحرير: اعجاز ممنائي

وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ لاڳاپيل وزير، سيڪريٽريز ۽ چيف سيڪريٽريز شامل هوندا، ٻوڏ صورتحال ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ لاءِ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔ جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ لاڳاپيل آفيسر شرڪت ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڪئي پئي وڃي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ وزيرن کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن،جيڪي ايندڙ هفتي انگ اکر ۽ تفصيل سامهون کڻي ايندا، ٻوڏ ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ پاڪستاني مرد، عورت ۽ ٻار پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن، هزارين ماڻهو زخمي آهن ۽ هزارين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ آهي.

 وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب چانور، مڪئي، ڪمند ۽ ڪپهه سميت وڏي پئماني تي فصلن کي نقصان ٿيو آهي جن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي، اهو معاملو وفاقي ڪابينا ۾ پڻ کڻي اينداسين. وزيراعظم دعا ڪئي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي ڪري گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي.ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري عالمي امداد جي اپيل جو مطالبو ڪيو ويو، ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جي حڪومتي اعلان جي آجيان ڪئي وئي، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته افسوس ته اڃا تائين ٻوڏ ۽ برسات متاثر علائقن لاءِ بي ايس پي تحت رليف جو اعلان ناهي ڪيو ويو، وزيراعظم ذاتي طور تي خاطري ڪرائي هئي ته متاثرن لاءِ بي آءِ ايس پي تحت رليف فراهم ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت طرفان گڏيل قومن جي نظام تحت عالمي امداد لاءِ اپيل ۾ دير ناقابل فهم آهي، وفاقي حڪومت کان مطالبو  ڪن ٿا ته عالمي امداد جي اپيل بنادير ڪئي وڃي، ٻوڏ سبب سڀ کان گهڻو زراعت جو شعبو متاثر ٿيو آهي، اميد ته وفاقي حڪومت به زراعت شعبي جي بحالي لاءِ اسان جي قدمن ۾ ڀرپور مدد ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ وڏي پيماني تي ٻوڏ سان تباهه ٿي چڪو آهي. اسان انهن چئلينجن تي قابو پائڻ لاءِ ملڪ ۾ موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٻوڏ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ وڏي پئماني تي تباهي مچائي آهي ۽ هاڻي ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ۾ به داخل ٿي چڪو آهي. اسان کي موسمياتي تبديلين سان منهن ڏيڻ لاءِ پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي. هي هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي پاڪستان اڪيلو منهن نٿو ڏئي سگهي. ڪابينا جائزو وٺندي ته پاڪستان ڪنهن نه ڪنهن طرح ماحولياتي چئلينجن سان ڪيئن منهن ڏئي سگهي ٿو ۽ مستقبل ۾ اهڙن تباهي ڪندڙ نقصانن کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو.

 وزيراعظم شهباز شريف موجب، زرعي ايمرجنسي جي لاڳو ٿيڻ سان ملڪ ۾ زرعي نقصانن جو جائزو وٺڻ جي قابل بڻائينداسين ۽ انهن نقصانن جي تلافي لاءِ هڪ جامع ايڪشن پلان تيار ڪيو ويندو.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ملڪ ۾ زرعي ۽ ماحولياتي ايمرجنسي لڳائڻ جو اعلان ڪافي آهي يا ڪاميٽيون ٺاهڻ ۽ بار بار  اجلاس گهرائڻ سان مسئلا حل ٿيندا؟۔ آخر انهن جي اعلانن کي عملي جامو ڪير پهرائيندو؟.هن وقت زرعي ايمرجنسي جي گهر ڪندڙ بلاول زرداري جي حڪومت ۾ ڪڻڪ عام زميندار،هاري ڪلهي تي کنيو پيا گهمن ڪنهن خريد نه ڪئي صرف حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل ماڻهن جي ڪڻڪ خريد ٿي يا ڪڻڪ جي اگهه لاءِ به خلق کي ڪورٽن تائين پهچايائون۔ ٽريڪٽر مارچ وارو ڊرامو به عوام کان نه وسريو آهي وزيراعظم شهباز شريف کي گهرجي ته ايندڙ ڪڻڪ جي فصل لاءِ رليف جو اڳواٽ اعلان ڪري، ته جيئن هارين کي ڊيزل، ٻج ۽ ٻيون ضروري شيون سستي اگهه تي ملي سگهن۔ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ سبز انقلاب آڻڻ جي ضرورت آهي ڇوته موجوده سخت ماحولياتي حالات ۽ موسمي اثرن جو حل سبز انقلاب آهي، انڪري هنگامي بنيادن تي شجرڪاري، اربن فاريسٽ، گرين بيلٽ سان گڏ جنگلن جي بحالي تي عملي قدم کنيا وڃن، ڇوته ڏينهون ڏينهون تبديل ٿيندڙ موسمي حالات، ماحولياتي آلودگي ۽ وڌندڙ گرمي جو ٽيمپريچر خطري جي گهنٽي آهي.انڪري موسمي اثر، گهڻيون برساتون، لينڊ سلائيڊنگ، ٻوڏ، پاڻي جي کوٽ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ شجرڪاري جي ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي ته جيئن وڻن سان زرعي پيداوار ۽ ماحول کي بچايو وڃي. ڇوته هن وقت ماحولياتي خرابي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. ان ۾ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي گدلاڻ مکيه ذريعو آهن. ٻهراڙين ۾ وڻن جي واڍي ۽ نئين وڻڪاري نه ٿيڻ ۽ هاڃيڪار زرعي دوائون اچي وڃن ٿيون. انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع رٿابندي ڪئي وڃي.حڪومت کي موتمار ۽ تباهي پکيڙندڙ ٻوڏن مان سکندي ٻوڏن کان بچاءُ لاءِ جامع رٿا تيار ڪري ان تي مرحليوار عمل ڪرڻو پوندو. انهن ۾ ٻوڏن جا بچاءُ بند، نيڪال جو اثرائتو نظام، سم نالين جي بحالي، بند ٿيل قدرتي وهڪرن جي بحالي شامل هجن۔ ان سان گڏ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ روڊن رستن کي بحال ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.