وقتي گورنر اويس قادر شاهه سان سنڌ بئنڪ جي ڊپٽي سي اي او جي ملاقات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وقتي گورنر سنڌ سيد اويس قادر شاهه سان سنڌ بئنڪ جي ڊپٽي چيف ايگزيڪٽو آفيسر سيد اسد علي شاهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي وقتي گورنر سنڌ چيو ته مالي ادارن جو ملڪ جي معيشت جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ سنڌ بئنڪ جي خدمتن کي ساراهيو.
سنڌ بئنڪ جي ڊپٽي سي اي او سيد اسد علي شاهه، قائم مقام گورنر سنڌ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ادارو صوبي ۾ بئنڪنگ سهولتن جي واڌ ۽ عوامي رليف لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.