عالمي برادري ٻٽو معيار ڇڏي، اسرائيلي حملي جو سخت جواب ڏيڻ گهرجي: قطر

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان چيو آهي ته اسرائيلي حملي جو سخت ۽ اثرائتو جواب ڏيڻ گهرجي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ٻٽو معيار ڇڏي.
اسرائيلي جارحيت خلاف قطر سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ عرب ۽ اسلامي ملڪن جو دوحا ۾ اجلاس جاري آهي.
اجلاس ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سميت سعودي، ترڪي، يمن ۽ ٻين ملڪن جا پرڏيهي وزير شريڪ ٿيا.
اجلاس کي خطاب ڪندي قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان چيو ته عرب ملڪن قطر ۾ اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي مذمت ڪئي ۽ قطر جي خود مختياري جي تحفظ لاءِ کنيل قانوني قدمن جي حمايت ڪئي.
هن چيو ته اسرائيلي حملي جو سخت ۽ اثرائتو جواب ڏيڻ گهرجي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ٻٽو معيار ڇڏي ۽ اسرائيل کي ان جي سڀني ڏوهن تي جوابده قرار ڏئي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل فلسطينين جي جبري بي دخلي جي مقصد ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندو، اسرائيلي حڪومت مسلسل جنگبندي جون تجويزون رد ڪري رهي آهي.
قطري وزيراعظم چيو ته اسرائيلي حڪومت ڄاڻي واڻي جنگ جو دائرو خطي جي ٻين ملڪن تائين وڌائي رهي آهي، اسرائيلي قدم غزا ۾ جنگبندي لاءِ اسان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي نٿا روڪي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.