ايشيا ڪپ: پاڪستان جو ڀارت خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي ڇهين ميچ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايشيا ڪپ ۾ گروپ اي جي سڀ کان وڏي ميچ اڄ دبئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏي پئي وڃي.
پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڀارت خلاف ميچ لاءِ پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.
پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، فخر زمان، حسن نواز، محمد نواز، محمد حارث، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، ابرار احمد ۽ سفيان مقيم شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.