ڪراچي ۾ برسات متاثر رستن جي مرمت جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ تازين برساتن سبب رستن جي  خراب  صورتحال ڏسي، بلديه عظميٰ ڪراچي مرمت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نجي ٽي وي موجب ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب بلديه عظميٰ جي ماتحت ايندڙ رستن جي مرمت جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ميئر ڪراچي موجب 106  رستن جي بحالي جو ڪم آچر (14 سيپٽمبر) کان شروع ڪيو ويندو، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته برساتي پاڻي سبب سڙڪن تي پيدا ٿيل گڙها به ڀرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.