اسلام آباد (بيورو ) آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي تناظر ۾ ايف بي آر کي ٻن هفتن ۾ 1100 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو چيلينج درپيش آهي، ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٻئي اقتصادي جائزي دوران آمدني جي حدف تي سخت ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي، جولاءِ کان سيپٽمبر تائين آمدني جو حدف 3 هزار 83 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايف بي آر کي ايندڙ ٻن هفتن ۾ 1100 ارب رپيا گڏ ڪرڻا پوندا، ڳالهين کان اڳ ايف بي آر کي هن حدف کي پورو ڪرڻ لاءِ 21 سيڪڙو واڌاري جي ضرورت آهي، جڏهنته جولاءِ کان آگسٽ تائين آمدني ۾ واڌ رڳو 15 سيڪڙو رهي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده ٻوڏ جي صورتحال ۽ يوٽيلٽي بلن جا مسئلا آمدني جي واڌ تي منفي اثر وجهي رهيا آهن، جنهن سبب مقرر ڪيل حدف حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي.