ملير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل شهيد

ملير (ڊ ر) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد عثمان خاصخيلي ڳوٺ ويجهو اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل عبدالڪريمجوکيو شهيد ٿي ويو، جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پوليس، ايمبولينسز، رينجرز ۽ شهري واقعي واري هنڌ تي گڏ ٿي ويا، ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ايس ايس پي ملير موجب شهيد ٿي ويل هيڊ ڪانسٽيبل عبدالڪريم جوکيو ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي مقرر هو جيڪو ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته عثمان خاصخيلي ڳوٺ ويجهو اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪيو ويو آهي، واقعي بابت شاهديون گڏ ڪري رهيا آهيون جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي، ملير ۾ هڪ مهيني اندر هڪ اي ايس آءِ سميت 2 هيڊ ڪانسٽيبل شهيد ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.