پنجاب کان دريائي وهڪرا تيزي سان سنڌ ۾ داخل، گڊو وٽ وڏي چاڙهه جو امڪان

حيدرآباد/سکر (رپورٽر) پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ به سکر ۽ گڊو بئراج تي ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي:پنجاب کان پوءِ هاڻي سکر ۽ گڊو بئراج جي مقام تي به ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي۔  سنڌو ۾ جتي هڪ مهينو يا سوا مهينو اڳ پاڻيءَ جي سخت کوٽ هئي، اتي هاڻي ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. پاڪستان جي صوبي پنجاب کان پوءِ هاڻ ان جا ٽي دريا هيڊ پنجند واري هنڌان وهندي سنڌو درياءُ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جتي اهو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پنجاب کان ايندڙ ٻوڏ جا ريلاسنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کي متاثر ڪري سگهن ٿا. هن وقت هيڊ پنجند تي پاڻي جو وهڪرو 6 لک 60 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ آهي ۽ هي تيزي سان سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي. گڊو وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 506433 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 475970 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو۔ سکر بئراج تي به پاڻيءَ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جتي پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 440985 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 412735 ڪيوسڪ آهي۔ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو مٿاهون وهڪرو  257754 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 254354 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي.  سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت گڊو ۽ سکر بئراج سميت ٻين بئراجن ۽ بندن جي موجوده حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ "سنڌ فلڊ ٽيم” قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جا ميمبر هنگامي دوري شروع ڪري چڪا آهن۔ آبپاشي کاتي جي عملدارن به ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ گڊو بئراج تي وچولي ۽ سکر بئراج تي هيٺين سطح جي ٻوڏ اچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. قادرپور ۾ محرم زميندارا بند ٽٽڻ سبب پاڻي تيزيءَ سان ويجهن ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي، جنهن سان وڌيڪ تباهيءَ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. انتظاميا رهواسين کي جلد علائقو خالي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته امدادي ٽيمون متاثر علائقن ڏانهن پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن۔ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه موجب ايندڙ 48 ڪلاڪ نهايت اهم آهن، ۽ ٻين بندن تي به دٻاءُ وڌڻ جو امڪان آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.