صدر زرداري 10 ڏينهن جي دوري تي اڄ چين ويندو، چيني قيادت سان ملاقاتون رٿيل

اسلام آباد(بيورو) صدر آصف علي زرداري 12 سيپٽمبر کان چين جو دورو ڪندو، 10 ڏينهن جي دوري دوران آصف علي زرداري جون اعليٰ چيني قيادت سان ملاقاتون شيڊول ٿيل آهن، صدر زرداري چي نگدو، شنگھائي ۽ شين جيانگ جو دورو ڪندو،  صدر دوري دوران اعليٰ چيني قيادت سان ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا بحث هيٺ ايندا، ان سان گڏ اقتصادي ۽ واپاري تعاون، سي پيڪ ۽ مستقبل جا منصوبا پڻ غور هيٺ ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.