اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار، چيف جسٽس جي منظوري سان، گهرو وزارت کي رٽائرڊ ججن جي سيڪيورٽي بابت باقاعده خط موڪليو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، هر رٽائرڊ جج کي 3 پوليس اهلڪارن تي مشتمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، جيڪي جج انتقال ڪري چڪا آهن،تن جي بيواهن کي به 3 پوليس اهلڪارن تي ٻڌل سيڪيورٽي مهيا ڪئي وڃي، جيئن انهن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي، خط ۾ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي وئي ته سڀني لاڳاپيل سيڪيورٽي ايجنسين کي فوري طور تي هن سلسلي ۾ قدم کڻڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن، جيئن هر قسم جا خدشا ختم ڪري سگهجن.