عدالتن تي ڪيسن جو وڏو بار آهي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد جنيد غفار فل ڪورٽ ريفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته مان هن عدالت ۾ آخري ڀيرو جج طور موجود آهيان ۽ پنهنجي آئيني عهدي کي الوداع چئي رهيو آهيان. هن چيو ته هو جلد بار ۾ هوندو ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اليڪشن لاءِ ووٽ گهرندو. جسٽس جنيد غفار چيو ته 1993ع ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ 2000ع ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ انرول ٿيو، روزانو صبح ساڍي اَٺين وڳي ٽيڪس ڊبل بئنچ ۾ موجود هوندو هئس ۽ پنهنجن جونيئرن کي به اها هدايت ڪندو هئس ته وقت سر عدالت ۾ پهچن. وقت جي پابندي تي سختي ڪرڻ سبب سخت جج سمجهيو ويندو هو. مان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته جج بڻجندس، 2011 ۽ 2012 ۾ به منهنجو نالو جڊيشل ڪميشن ڏانهن نه موڪليو ويو هو. هن چيو ته جج ٿيڻ نوڪري نه پر اعزاز آهي، نوجوان وڪيل محنت ڪن ته صلو ضرور ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.