ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ معذورن لاءِ مقرر ڪيل ڪوٽا تي سيڪنڊري اسڪول ٽيچرن جي ڀرتي نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس فيصل ڪمال عالم 2 ڀيرا مهلت ڏيڻ باوجود جواب داخل نه ٿيڻ تي سرڪاري وڪيل تي ڪاوڙ ظاهر ڪئي. عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين انٽرويو جو ٽرانسڪرپٽ پيش ڪيو وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن بنيادن تي درخواستگذار کي ناڪام ڪيو ويو. عدالت واضح ڪيو ته جيڪڏهن جواب داخل نه ٿيو ته چيئرمين ايس پي ايس سي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويندو. ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف آهي ته معذورن لاءِ 13 سيٽن مان صرف 6 ڀرتيون ڪيون ويون ۽ ڪنهن به معذور کي ڪامياب قرار نه ڏنو ويو، جيڪو قانوني ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.