ڀرياروڊ ڀرسان گهر جي ڇت ڪِري پئي، پيرسن عورت فوت

ڀرياسٽي (رپورٽ: مجيد ڪيريو )ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ غلام رسول لاکو ۾ پورهيت محمد حسن لاشاري جي گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪرڻ سبب 90 سالن جي عورت ڇتل لاشاري دٻجي فوت ٿي وئي، اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي ملبي هيٺيان عورت جو لاش ٻاهر ڪڍيو، سندس پٽ محمد حسن لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گهر جي  ڇت پهريان کان زبون حال هئي تازين برسات سبب ساڳئي ڇت هيٺيان رهندا هياسين ۔آلي ڇت سڪڻ بعد  اوچتو ڪري  پئي جنهن سبب پيرسن امڙ مسمات ڇتل لاشاري فوت ٿي وئي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو اسان غريب مسڪين آهيون کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، خدار مدد ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.