گذريل ڏينھن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو رتوديرو ۾ ميرپور ڀٽو پھچي ڪري سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽي مرحوم جي فرزند امير بخش ڀٽو سان ملاقات ڪئي جنھن ۾ ھن سندس والد جي وفات تي تعزيت سميت گڏيل دلچسپي جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. ڪجهه حلقا ھن کي اھم سياسي اڳڀرائي پڻ قرار ڏيئي رھيا آھن. جيتوڻيڪ ڪجهه دوست 4 ڏھاڪن جي سياسي اختلافن کان پوءِ پھريون ڀيرو ٿيندڙ ھن ملاقات کي ڪجهه ڏينھن اڳ جونيئر ذوالفقار ڀٽو سان 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ ٿيندڙ سياسي بيٽڪ جي ڪائونٽر ملاقات قرار ڏيئي رھيا آھن پر تنھن ھوندي پاڻ ھڪ سياسي ڪارڪن طور ھن ملاقات کي سٺو سنوڻ ۽ سنڌ جي روايتن مطابق سمجھون ٿا. جنھن ۾ پاڻ لڙي ايندڙن کي مانَ توڙي حسب حال خدمت چاڪري ڪندا آھيون. ايستائين جون ورھين جون دشمنيون ۽ خون به معاف ٿي ويندا آھن.حقيقت به اھا آھي ته سياست کي سياست طور ڏٺو ۽ ڪيو وڃي.
سياست کي ذاتي دشمنين ۾ تبديل نه ٿيڻ گھرجي. سياست جو مطلب شرافت ۽ امانت توڙي ديانتداري سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ آھي. ھر سياسي مخالف جو احترام ۽ جيڪڏھن ڪا خطا ٿي ھجي ته ادب ۽ اخلاق جي دائري ۾ رھندي تنقيد به ڪرڻ گھرجي پر سياسي مخالفت جي بنياد تي صفا ليڪا لتاڙڻ نه گھرجن. عدم برداشت ساڙ نفرت گولي ۽ گار جي سياست اسان کي وڏو نقصان پھچايو آھي، ڌاڙيل راڄ توڙي قبيلائي جھيڙن ۾ رت جي راند ۽ بي گناھ انسانن جو قتل به ان نفرت واري سياست جي ڪڙي آهي. ھن ناسور شاھ ڀٽائي جي امن محبت واري ڌرتيءَ سنڌ کي نه صرف بدنام پر مھمان نوازي ، تھذيب ثقافت ڪلچر کي به تباھ ڪري ڇڏيو آھي. انڪري اڄ سنڌ کي سنوارڻ لاءِ نفرت تعصب جي سياست کي ختم ڪري امن محبت ۽ ڀائيچاري کي ھٿي ڏيڻ جي شروعات پنھنجي ذات کان ڪريون ته جئين سون ورني اسان جي ڌرتي سنڌ ھڪ ڀيرو ٻيھر امن محبت جو مرڪز بڻجي وڃي.
ياد ٿو پئي ته سردار امير بخش ڀٽو جڏھن پي ٽي آءِ سنڌ جي صدارت تان استعيفا ڏني ته پوءِ ھن سياست کي پڻ الوداع ڪري راڄ ڀاڳ سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو. ھن کان اڳ ۾ ھو لاڙڪاڻي اتحاد جو اھم اڳواڻ ۽ بلاول ڀٽو جي مقابلي ۾ قومي اسيمبليءَ تي مولانا راشد سومرو ته وري ھي رتوديرو مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي صوبائي تڪ تي اميدوار ھو.ھي ملاقات اتفاقي خانداني يا سياسي ھئي ايندڙ ڏينهن ۾ ضرور ان حوالي سان راز ضرور کلندا.