ھونئن به پاڪستان قائم ٿيڻ شرط ئي سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا ھڻڻ جي شروعات ٿي وئي ھئي، سنڌي ھندوئن کي ھتان لوڌي ڪڍيو ويو ۽ سندن ڇڏيل ملڪيتون سنڌ جي اصل وارثن کي خريد ڪرڻ جي حق کان به محروم ڪندي، ڪوڙن ڪليمن ذريعي ورھايون ويون. ڪراچيءَ تي مرڪز پاران قبضو ڪيو ويو. ون يونٽ ٺاھي سنڌ جو نالو وٺڻ کي به ڏوهه قرار ڏنو ويو۽ سنڌ جون سون ورنيون زمينون رٽائرڊ فوجين ۽ رانديگرن کي تحفي طور ڏنيون ويون، سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي راتاھا لڳندا رھيا ۽ مرڪز پاران سنڌ جي وسيلن تي قبضي جو ڪوبه بھانو ھٿان نه وڃايو ويو پر گذريل سال فارم 47 تحت ٿيندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ ايندڙ حڪمرانن به پنھنجن آقائن جي اشارن تي سنڌ کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. ان دوران سنڌو درياهه تي ڇهه ڪئنال تعمير ڪري، سنڌوءَ جو ساهه سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪارپوريٽ فارمنگ تحت سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون پاڪستان گرين انيشئيٽو ڪمپنيءَ کي ڏنيون ويون. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلئيٽيشن ڪائونسل، جنھن کي تحفظ آئين پاڪستان تحت مخالف ڌر جون سموريون سياسي پارٽيون غير آئيني قرار ڏيندي ختم ڪرڻ جي گهر ڪري چڪيون آھن، سنڌ جي عام ماڻھن جي گذرسفر جي ذريعي زراعت تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مائنر ۽ منرلز بل آڻي سنڌ جي سموري اھم معدنيات تي مرڪز جو قبضو قائم ڪرڻ جا سانباھا ڪيا ويا.
موجودهه پارلياماني نظام کي ناڪام قرار ڏيندي صدارتي نظام آڻڻ جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون. وزير اعظم ھائوس مان ٻوڏن جي اوٽ ۾ ٻيھر ڪئنالن ۽ ڊيمن ٺاھڻ جا آواز اٿڻ لڳا، خاص طور ڪالا باغ ڊيم، جنھن کي ملڪ جا ٽي صوبا رد ڪري چڪا ھجن ۽ مشرف جهڙو آمر به جنھن جي تعمير ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو ھجي، ان جي تعمير جون ٻيھر ڳالھيون ٿيڻ لڳيون. 26 آئيني ترميم آڻي عدالتن جا اختيار کسي انھن کي بي اختيار ڪيو ويو۽ پوءِ پوليس گرديءَ ذريعي خوف، دھشت ۽ ڏڪاءُ وارو ماحول پيدا ڪيو ويو به جيئن فقط ھڪ شخص جي آئين ۽ قانون کان مٿانھن قدمن ۽ ارادن جي پورائيءَ لاءِ ملڪ جي مستقبل ۽ سلامتيءَ وارن معاملن کي به داءُ تي لڳائي سگهجي.
تازو آيل خبرن موجب آمريڪي معدني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين يونائيٽڊ اسٽيٽ اسٽريٽجڪ ميٽلز ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن (FWO) ، موٽا اينگل گروپ ۽ پاڪستان جي نيشنل لاجسٽڪ ڪمپنيءَ وچ ۾ ٻن يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ان موقعي تي وزير اعظم، فيلڊ مارشل، وفاقي وزير ۽ آمريڪي سفارتخاني جا عملدار موجود ھئا. ان موقعي تي آمريڪي وقتي سفير نيٽلي بيڪر چيو به ھن معاھدي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا۽ ٻنھي ملڪن کي فائدو رسندو . ٽرمپ انتظاميا اھڙن معاھدن کي پنھنجين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آھي. پاڪستان ۾ موجود معدني وسيلا آمريڪي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ نھايت اھم آھن. مستقبل ۾ آمريڪي ڪمپنين ۽ پاڪستان ۾ معدنيات ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي حوالي سان وڌيڪ معاھدا ٿيندا. ياد رھي اھو معاھدو پاڪستان حڪومت پاران انتھائي رازداريءَ ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيو ويو ھو، جنھن جي پڌرائي پاڪستان بدران آمريڪي صدر ٽرمپ ڪئي ھئي. ھن معاھدي مطابق ملڪ اندر موجود سون، ٽامون ۽ ٻيون اڻلڀ ۽ املهه معدنيات ڪڍيون وينديون جنھن لاءِ شروعاتي طور تي پنجاهه ارب ڊالرن يعني 14 ھزار 191 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي ۽ آمريڪي ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ جديد پولي ميٽڪ ريفائنري پڻ ٺاھي ويندي. ھتي اھا ڳالهه به غور طلب آھي به آمريڪي سفير اھو اعتراف به ڪيو آھي ته ” پاڪستان اندر موجود معدني وسيلا آمريڪي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ نھايت اھم آھن.
حقيقت ۾ اھي سمورا اھتمام سنڌ جي وسيلن تي قبضن لاءِ ڪيا پيا وڃن، ڇو ته اھا رپورٽ به پڌري ٿي چڪي آھي ته ملڪ اندر تيل ۽ گئس جي 293 کوھن مان فقط سنڌ ۾ 244 کوهه موجود آھن، ڪوئلي جا وڏا ذخيرا پڻ سنڌ جي ٿر ۾ موجود آھن ۽ سمنڊ جون چار سائيٽون پڻ اھڙيون آھن جتان وڏيءَ مقدار ۾ تيل ۽ ايل جي پي جا ذخيرا موجود آھن ۽ اھا ڳالهه به ڪنھن کان ڳجهي ڪونھي ته آمريڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪو آھي، انھن سائنسي علمن جي آڌار تي توڙي سيٽ لائٽ ذريعي سڄي دنيا ۾ زمين اندر لڪل خزانن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ھن لاءِ ڪو ڏکيو ڪم نه رھيو آھي ، اھوئي سبب آھي جو سنڌ ڌرتيءَ ۾ لڪل معدنياتي خزانا به ھن جي نظرن سامھون اچي چڪا آھن.
اھا پڻ وفاق پاران سنڌ جي وسيلن ڦٻائڻ جي سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي جنھن تحت صدر آصف زرداريءَ ايس آءِ ايف سي جي طرز تي ھڪ نئين بل تي صحيح ڪري ”لينڊ پورٽ اٿارٽي“ قائم ڪري ڇڏي آھي.جنھن تحت وفاق کي سمنڊ، بندرگاھن، سمنڊ اندر موجود ٻيٽن ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل ٻين سمورين ملڪيتن تي مالڪي ۽ ڪنٽرول حاصل ٿي ويو آھي، جڏھن ته ھن بل کان اڳ ۾ سمنڊ ھجي يا ان جا ٻيٽ، بندرگاھون ھجن يا ٻيون لاڳاپيل ملڪيتون انھن سڀني تي مالڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبن جي ھئي. پر ھاڻي صدر زرداريءَ پاران ”لينڊ پورٽ اٿارٽي“ قائم ڪري پاڪستان ٺاھيندڙ ۽ ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ملڪيتن کي به وفاق جي قبضي ۾ ڏنو ويو آھي. ظاھر آھي به اھو اھتمام رڳو ان ڪري ڪيو ويو آھي جو آمريڪا کي اسان جو سون، ٽامو، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيون املهه معدنيات پنھنجي ملڪ تائين پھچائڻ جو سمنڊ ذريعي آسان رستو فراھم ڪري سگهجي.
لينڊ پورٽ اٿارٽي بل جي نتيجي ۾ سنڌ جا سمورا ٻيٽ ختم ڪري انھن تي وڏا انٽر نيشنل شھر تعمير ڪيا ويندا ۽ ”سيڪيوريٽي“ جي نالي تي سنڌ ۽ بلوچستان جي ماھيگيرن لاءِ ماھيگيري ڪرڻ جا سمورا گس بند ڪري کين بيروزگار ڪيو ويندو، بندرگاھن تان صوبن جو ڪنٽرول ختم ٿيڻ ڪري مقامي مھاڻن کي پنھنجا ھوڙا ۽ لانچون بندرگاھن تي بيھارڻ کان روڪيو ويندو. جيئن ته سمنڊ سان لاڳاپيل ملڪيتون پڻ وفاق جي ڪنٽرول ھيٺ اچي وينديون، تنھن ڪري سمنڊ ڪناري واريون سموريون زمينون ۽ ڳوٺ پڻ وفاق جي ڪنٽرول ھيٺ اچي ويندا ۽ انھن ڳوٺن ۾ ھزارين سالن کان رھندڙ ماھيگيرن جن کي اڄ تائين زندگيءَ جي سمورين بنيادي سھوليتن کان محروم رکندي زمين جا مالڪاڻا حق به نه ڏنا ويا آھن، تن کي سندن ڳوٺن مان بيدخل ڪري، انھن تي آمريڪن شھرين سميت ڌارين کي آباد ڪري، مقامي مھاڻن جي زندگين کي برباد ڪيو ويندو.
وفاق ۽ وفاق جي حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته آئين جي موجودگيءَ ۾ اھڙا پرڏيھي واپاري معاھدا آئين جي آرٽيڪل 172 تحت ڪيا ويندا آھن ۽ آئين موجب ملڪ جي زمينن، معدنيات ۽ ٻين قيمتي وسيلن جي 50 سيڪڙو مالڪي صوبن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويندو آھي پر موجودهه وفاقي حڪمرانن نئين مغربي ايجنڊا تحت کنيل قدمن بابت نه پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو آھي ۽ نه ئي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CIC) جو اجلاس گهرائي معاھدي جا تفصيل ۽ آئين مطابق صوبن کي ملندڙ شيئرز مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ته ٻئي پاسي لينڊ پورٽ اٿارٽيءَ جهڙا بل سڌو سئون آئين سان ٽڪرائيندڙ ۽ آئين ٽوڙڻ جي مترادف تصور ڪيا وڃن ٿا جن کي آئين مطابق موخر يا ”رد“ سمجهيو وڃي ٿوپر 26 آئيني ترميم تحت عدالتن جي بي اختيار ٿي وڃڻ ڪري اڄ تائين وفاق جي غيرآئيني قدمن، جيڪي آئين جي 18 ترميم ۽ ائين ۾ ڏنل صوبائي حقن جي خلاف ورزي پڻ آھي، تي نه ڪنھن عدالت ايڪشن کنيو آھي ۽ نه ئي ڪنھن جمھوريت پسند ڌر پاران اھڙن غيرآئيني قدمن کي چئلنج ڪيو ويو آھي. حقيقت اھا آھي ته حڪمرانن پاران آئين کي مڪمل طور تي ”ڊسٽ بن“ ۾ اڇليو ويو آھي ۽ فرد واحد جي خواھشن ۽ ارادن مطابق فيصلا ٿي رھيا آھن. ظاھري طور تي حڪمراني ڪندڙن جي ڪرپشن جا ايترا فائل تيار ٿي چڪا آھن جو سندن زبانون بند ٿي ويون آھن ۽ اھي اصل اقتدار ڌڻين جي ھر حڪم تي ” لبيڪ“ چئي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور آھن. اھڙن غيرقانوني ۽ غير آئيني فيصلن جي نتيجي ۾ اسان مڪمل طور غلام بڻجي ويا آھيون ۽ اسان جو پنھنجي صوبي جي ڪنھن به شئي تي عملي طور ڪوبه حق ناھي رھيو. اڳ ۾ ته رڳو رٿائن، منصوبن ۽ سازشن جو ذڪر ٿيندو ھو ۽ انھن خلاف احتجاج به ٿيندا ھئا . پر ھاڻي ته سنڌ دشمن رٿائن تي عمل ٿيڻ شروع ٿي ويو آھي. ان جو ثبوت اھو آھي جو ھڪ طرف اعليٰ وفاقي سطح تي آمريڪي ڪمپنين سان يادداشتن تي صحيحون ٿي رھيون آھن ته ٻئي پاسي ”لينڊ پورٽ اٿارٽيءَ“ جهڙا بل آڻي اسان جا سمورا سامونڊي وسيلا وفاق جي جهوليءَ ۾ وڌا ويا آھن. ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ملڪ اندر سموريون جمھوريت پسند، ترقي پسند ۽ قومپرست ڌريون ھڪ مٺ ٿي ھڪ وڏي پر امن تحريڪ کي منظم ڪري پنھنجا تاريخي حق حاصل ڪرڻ جي جدو جهد ڪن ٻين صورت ۾ اسان جا صوبا ۽ تاريخي رياستون فلسطين وانگر ھميشه لاءِ غلام بڻجي وينديون.