ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ڪچي جي علائقي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ڀرسان 22 ورهين جو نوجوان ڪفايت علي چاچڙ سنڌودرياهه جي ٻوڏ واري پاڻي ۾ لڙھي ويو، نوجوان جي سنڌو درياهه جي تيز وهڪرن ۾ ٻڏي وڃڻ بعد وارثن طرفان ڳولا شروع ڪئي وئي، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڳولا بعد نوجوان جو لاش سنڌو درياهه مان هٿ آيو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪچي جي متاثر علائقن ۾ ٻيڙي ميسر نه هجڻ ڪري نوجوان بند طرف گاڏي جي ٽائرن لاءِ استعمال ايندڙ ٽوپ ذريعي بند طرف اچي رهيو هو ته سنڌو درياهه جي تيز وهڪرن ۾ لڙهي ويو. ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان پٺاڻ ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ پهچي ٻڏي ويل ڪفايت علي چاچڙ جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو، آغا شير زمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، افسوسناڪ واقعي تي ڏک پهتو آهي سنڌ حڪومت پاران وارثن کي معاوضي لاءِ ڪوشش ڪنداسين.