ڪسٽم آفيسرن ايڌي فائونڊيشن کي به بخش نه ڪيو!

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه ۽ ناليواري سماجي ڪارڪن فيصل ايڌي چيو آهي ته ٻوڏ جهڙين قدرتي آفتن دوران سماجي ادارن تي ڪم جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي،صوبائي حڪومتون ۽ وفاق اسان کي سپورٽ ڪندا آهن، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق اسان جي ريسڪيو جي اوزارن،گاڏين،مشينن تي ٽيڪس 200 سيڪڙو کان 300 سيڪڙو تائين ڪري ڇڏي ٿو،اسان وفاق کي گذريل 15 سالن کان خط لکي رهيا آهيون ته ٽيڪس گهٽ ڪريو،ڪو ٻڌڻ وارو ناهي،هن چيو ته اسان جي فور باءِ فور گاڏي درآمد ٿي آئي،اها ضبط ڪئي وئي،اسان ٽربيونل ۾ ڪيس ڪيو،اهو به نه ٻڌو ويو ۽ گاڏي نيلام ڪئي وئي،ان ڪيس جو فيصلو اچڻ کان اڳ ئي اها گاڏي ڪسٽم آفيسر اسان جي گاڏي نيلامي ۾ خريد ڪري ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.