ملير، لياري ندين ۽ سم نالن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  بلاول ڀٽو زرداري جو نون ڊيمن ٺاهڻ بابت  بيان ملڪ جي عوام کي گمراھ ڪرڻ کانسواءِ ڪجهھ به ناھي.نون ڊيمن جي ڳالهھ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ اسيمبلين جي توھين برابر آھي. ڪروڙين ماڻھو سنڌ دشمن ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن کي رد ڪري چڪا آھن. هن چيو ته  سنڌو درياھ، ملير ندي، لياري ندي، سم نالن ۽ پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن. سنڌو درياھ ۽ ان جي مددي ندين تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول ناھي. برسات سبب فصلن کي پيل نقصان جو آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي. هن چيو ته  سنڌو درياھ ۾ چاڙھ سان سنڌ کي فائدو ٿيو آھي. حڪمرانن جي نااهلي سبب ماڻھو تڪليف ۾ آھن. ڪرپشن ۽ لٽمار لاءِ ٻوڏ جا جواز پيدا ڪيا پيا وڃن. پاڻي نيڪال جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.