حيدرآباد/ سکر (رپورٽرز) پنجاب مان پاڻي اچڻ بعد سنڌ وٽ سنڌو ۾ وهڪرا وڌي ويا آهن. سنڌ حڪومت جي پراونشل رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل طرفان دريائن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي وهڪرن بابت اربع ڏينهن جا نون انگن اکرن جاري ڪيا ويا آهن، جن موجب دريائي وهڪرن ۾ تيزي سان واڌ رڪارڊ ٿي رهي آهي تفصيل موجب ٽمھون بئراج تي ان فلو ۽ آئوٽ فلو ٻنهي جو وهڪرو هن وقت 279,908 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هيڊ پنجند تي پاڻي جو وهڪرو 4 لک 75 هزار ڪيوسڪ کان وڌي ويو آهي. ٻئي پاسي گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 502,844 ڪيوسڪ جڏهن ته هيٺاهون وهڪرو 492,443 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت سکر بئراج تي مٿاهون وهڪرو 400,405 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 382,355 ڪيوسڪ ڄاڻايو ويو آهي ان کان علاوه ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 253,145 ڪيوسڪ ۽ ڊيلٽا ۾ 251,745 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو آهي. نوشهرو فيروز۾ درياءِ سنڌ جي سطح بلند ٿيڻ ڪري مڃٺ جي ويجهو زمينداري بند ٽٽي پيو جنهن سبب ڳوٺ مردان چانڊيو ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. ڳوٺ علي، مردان چانڊيو جي 5 کان وڌيڪ گهرن جا رهواسي ڦاسي پيا .