لاهور/ملتان( بيورو /م ڊ) ڀارت ستلج درياءُ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏيو، پنجاب ۾ ملتان، مظفر ڳڙهه ۽ رحيم يار خان کي خطرا آهن. پي ڊي ايم اي پنجاب موجب، ڀارت ستلج درياءُ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هريڪي ڊائون اسٽريم ۽ فيروزپور ڊائون اسٽريم تي وڏي درجي جو چاڙهه آهي. پاڪستان ۾ آبي وسيلن واري وزارت طرفان خبرداري جاري ڪئي وئي آهي.پرووينشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پنجاب جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان علي ڪاٺئي ڏکڻ پنجاب جي صورتحال کي ڏاڍو آزمائشي قرار ڏنو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان علي ڪاٺيا چيو ته جلالپور پيروالا جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جتي راوي، چناب، ۽ ستلج دريائن جو پاڻي گڏ ٿي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ گهارو پوڻ سبب 5-6 وڌيڪ آباديون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، ۽ سڀني ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ناروال، شيخوپوره، لاهور، ننڪانه صاحب سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ پاڻي جو وهڪرو آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي، جتي ماڻهو هاڻ رليف ڪئمپن مان واپس موٽڻ شروع ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايندڙ ٽي ڏينهن ڏکڻ پنجاب لاءِ وڏو چئلينج وارا هوندا. ملتان جي صورتحال ڏاڍي ڳڻتي جوڳي آهي. مظفرگڙهه، لياقت پور، ۽ رحيم يار خان به خطري هيٺ آهن.