ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته دريائن ۾ پاڻي جي صورتحال اڃا تائين غيرمعمولي آهي، پر سنڌ حڪومت بروقت قدم کنيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سيلابي صورتحال تي ڏينهن رات نظر رکي ٿي ۽ سڀ لاڳاپيل ادارا الرٽ آهن. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪچي علائقن مان وڌيڪ 7,724 ماڻهو محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مجموعي طور 141,611 ماڻهو ڪچي علائقن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي قائم ڪيل 159 فڪسڊ ۽ موبائل هيلٿ ڪيمپن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4,894 ماڻهن کي علاج جون سهولتون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته هن وقت تائين مجموعي طور 50,040 ماڻهن کي انهن ڪيمپن مان علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.