ملڪ رياض خلاف پهريون ڀيرو سڌي ايف آءِ آر داخل

اسلام آباد (عمران شفقت) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض خلاف سڌي ايف آءِ آر داخل ٿي آهي. ايف آءِ اي ملڪ رياض، سندس ڌيءَ آسيا رياض ۽ پاليل پٽ وقاص ملڪ خلاف پيڪا آرڊيننس جي شقن تحت ڪيس داخل ڪيو آهي. الزام آهي ته وقاص ملڪ پاران زال سان مبينا بدسلوڪي ۽ نجي تصويرن جي مشهوري واري معاملي ۾ ملڪ رياض ۽ خاندان جا ٻيا فرد به ملوث رهيا. وقاص ملڪ جي شادي اعليٰ سرڪاري آفيسر جي ڌيءَ سان شادي ٿي هئي ۽ وقاص ملڪ جا لاڳاپا عليزي شاهه سان ٿي پيا هئا. زال کي خبر پئي ته ان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ کيس بدنام ڪرڻ شروع ڪيو ويو هو. ملڪ رياض ٺاهه جي ڪوشش ڪئي هئي، ٻارن جي حوالگي وارو معاملو به هو. معاملو عدالت تائين پهتو هو. وقاص ملڪ زال سان ڪجهه نجي تصويرون پبلڪ ڪري ڇڏيو هو. سرڪاري آفيسر تي دٻاءُ وڌو ويو هو ته ٻار اسان جي حوالي ڪريو ۽ ڪيس جي پوئواري نه ڪريو. ان تي سرڪاري آفيسر ۽ ڌيءُ گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا. هاڻي اهو ڪٽنب انصاف لاءِ اٿي بيٺو آهي يعنيٰ کين ان ڳالهه جو اندازو آهي ته هن وقت ملڪ رياض جا خراب ڏينهن آهن ۽ هنن ڪن اعليٰ شخصيتن سان رابطا ڪيا هوندا. هي ڪيس ناقابل ضمانت ڏوهن ۾ اچي ٿو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ٽي سال تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي. ڪيس ۾ جيڪڏهن هي اشتهاري بڻيا ته ٻارن جي حوالگي انٽرپول ذريعي وٺي سگهجي ٿي. ملڪ رياض جا ملڪ ۾ ڪاغذن ۾ اثاثا ناهن پر سندس ڌيءَ آسيا ملڪ جون سٽي هائوسنگ سوسائٽيون 7 شهرن ۾ آهن، جن ۾ هو پارٽنر آهي، جيڪي ضبط ٿي سگهن ٿيون، انهن سوسائٽين جو مالڪ سندس مڙس ملڪ عامر آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ته ملڪ رياض خلاف سڌو ڪيس داخل ٿيڻ پاڪستاني سياست ۽ طاقتور ڌرين لاءِ غيرمعمولي صورتحال آهي. ياد رهي ته ملڪ رياض سياستدانن سميت سڀني جو دوست رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.