ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب جي رين ايمرجنسي ڪيمپس بابت دعوٰن جي حقيقت سامهون اچي وئي آهي، شهر جي هيٺ وارن علائقن ۾ قائم ڪيل ڪيمپس ۾ برسات کان بچاءُ جو ڪوبه انتظام ناهي، نه ئي فوري طبي امداد لاءِ سامان موجود آهي، شاميانا لڳائي، ڪجهه ميزون ۽ ڪرسيون رکي انهن کي رين ايمرجنسي ڪيمپس جو نالو ڏنو ويو، ٻه ڏينهن اڳ ميئر مرتضيٰ وهاب پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان رين ايمرجنسي ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن جتي برسات دوران ڦاٿل شهرين کي پاڻي ۽ خوراڪ فراهم ڪئي ويندي پر، حقيقت ان جي ابتڙ نڪتي، شهر جي ڪيترن علائقن ۾ قائم ڪيمپس ۾ نه برسات کان بچاءُ جو ڪو انتظام آهي، نه ئي رليف لاءِ ضروري سهولتون موجود آهن. ضلعي وسطى ۾ 4 ايمرجنسي ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن پر وسيلن جي شديد کوٽ آهي، غريب آباد ڪيمپ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جا آفيسر صرف بسڪٽس جا ڪجهه پيڪٽس ۽ پاڻي جون ٿوريون بوتلون رکي شهرين کي ريليف ڏيڻ لاءِ تيار ويٺا آهن.