چيف سيڪريٽري پاران ڪراچي شهر جو دورو،پاڻي نيڪال جو جائزو

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ  جي هدايت تي ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا مڪمل طور تي سرگرم عمل آهن۔ ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ برسات کانپوءِ پاڻي جي نيڪال ۽ ٽريفڪ جي رواني جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو۔ چيف سيڪريٽري سنڌ ٽاور، شاهراهه فيصل، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ميٽروپول، ايم اي جناح روڊ ۽ ٻين اهم شاهراهن جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي انتظامن جو معائنو ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي وڌيڪ هدايتون جاري ڪيون۔ هن چيو ته شهري سهولت لاءِ سڀئي ادارا فيلڊ ۾ موجود رهن ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مؤثر بڻائين۔

  1. گڏيل قومن پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 لک ڊالر مختص

اسلام آباد(م ڊ) گڏيل قومن جي ايمرجنسي رليف ڪوآرڊينيٽر ٽام فليچراعلان ڪيو آهي ته اقوام متحده جي مرڪزي ايمرجنسي ريسپانس فنڊ مان 50 لک ڊالر مختص ڪيا ويا آهن، ته جيئن پاڪستان ۾ حڪومت جي اڳواڻي ۾ جاري سيلابي امدادي ڪاررواين کي سهارو ملي سگهي، انهن فنڊز سان اقوام متحده جون ايجنسين ۽ ڀائيوار فوري طور تي 40 لک متاثر ماڻهن کي زندگي بچائڻ واري امداد فراهم ڪري سگهندا، انهن ۾ 20 لک کان وڌيڪ اهي ماڻهو به شامل آهن جيڪي پنهنجن گهرن مان نڪري مٿانهين وارن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن.

  1. تشدد ڪيس بعد عليمه خان صحافين کي ”ڀاءُ ۽ پٽ“ چئي ڳالهايو!

اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته جنهن کي موڪليو وڃي ٿو، اهو صحافت ته نٿو ڪري، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪيو پيو وڃي، اڊياله جيل ويندي ڌاگل ناڪي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو تهڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، مان ان جي مذمت ڪريان ٿي، اسان هتي پنهنجي ڀاءُ لاءِ ايندا آهيون، ٻه چار ماڻهو هتي ايندا آهن، اهي ڄاڻي واڻي بي ادبي ڪندا آهن، مون پنهنجي پٽن کي به هتي اچڻ کان روڪيو آهي، جيڪڏهن اهي اچن ها ته ڪهڙو حال ٿئي ها، منهنجي ملڪيت منهنجي حق حلال جي پئسن سان آهي، ٽيڪسٽائل جي ايڪسپورٽر آهيان، توهان غير متعلق سوال ڪري ٽيڪسٽائل ڪاروبار کي نقصان پهچائي رهيا آهيو، واضح رهي ته اڄ جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران عليمه خان صحافين کي ڀاءُ ۽ پٽ چئي ڪري مخاطب ڪندي رهي.

  1. غزا ۾ اسرائيلي بمباري سبب 83 فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ) غزا ۾ حماس جي انتظام هيٺ صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي بمباري سبب 83 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، انتظاميه موجب 7 آڪٽوبر 2023ع کان وٺي غزا ۾ مجموعي شهيدن جو انگ 64 هزار 600 کان وڌي ويو، صحت واري وزارت موجب جن علائقن ۾ بمباري ٿي آهي، اتي ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين ملبي هيٺ ڦاٿل آهن ۽ امدادي عملي تائين انهن تائين پهچڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، ٻئي طرف اسرائيلي حملن سبب غزا جا هزارين رهواسي پنهنجا گهر ڇڏي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، غزا جي رهواسڻ رزان صالحه ٻڌايو ته هو مسلسل بمباري سبب غزا شهر مان نڪري دير البلح ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جتي هاڻ 20 ڀاتين سان گڏ هڪ ئي ڪمري ۾ رهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.