دوحا(م ڊ) اسرائيل قطر تي هوائي حملو ڪري فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي سينيئر اڳواڻ خليل الحيه جي پٽ سميت 6 ڄڻا شهيد ڪري ڇڏيا، حماس چيو آهي ته اجلاس ۾ موجود سمورا اڳواڻ اسرائيلي حملي ۾ محفوظ رهيا آهن، اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي فضائيه دوحه ۾ حماس جي اعليٰ قيادت کي نشانو بڻايو، عرب ميڊيا خليل الحيه جي شهادت جي دعويٰ ڪئي پر حماس جي اڳواڻ سهيل الهندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ موجود حماس جا مرڪزي اڳواڻ اسرائيلي حملي ۾ محفوظ رهيا،ان حملي جو ذميوار آمريڪا کي سمجهون ٿا حماس ذريعن مطابق فضائي حملي وقت حماس جي ڪيترن ئي اڳواڻن جو اجلاس جاري هو، اجلاس ۾ حماس اڳواڻ غزه جنگبندي بابت آمريڪي صدر جي تجويز تي غور ڪري رهيا هئا، عرب ميڊيا ٻڌايو ته اسرائيلي بمباري دوران اجلاس ۾ حماس جا پنج سينيئر اڳواڻ موجود هئا، جن ۾ خالد مشعل، خليل الحيه، زاهر جبارين، محمد دريش ۽ ابو مرزوق شامل آهن، اکين ڏٺن شاهدن مطابق دوحا جي ڪتارا علائقي ۾ ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا، جنهن بعد آسمان دونهن سان ڀرجي ويو، اسرائيلي چينل 12 هڪ اسرائيلي عملدار جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قطر ۾ حماس جي قيادت تي حملي جي اجازت ڏني، قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر ماجد الانصاري چيو ته هي ڏوهاري حملو سڀني بين الاقوامي قانونن ۽ اصولن جي کليل ڀڃڪڙي آهي ۽ قطري شهرين ۽ قطر ۾ رهندڙ ماڻهن جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، هي حملو هڪ رهاشي عمارت تي ڪيو ويو، جتي حماس جي سياسي بيورو جا ڪيترائي اڳواڻ ترسيل هئا، وائٽ هائوس جي ڊپٽي پريس سيڪريٽري اينا ڪيلي الجزيره کي ٻڌايو ته دوحه ۾ اسرائيلي حملن تي آمريڪي انتظاميا جي طرفان ڪو تبصرو نٿو ڪيو وڃي، هو واضح طور تي هن صورتحال کي ڏسي رهيا آهن ته اها ڪيئن اڳتي وڌي ٿي، هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي حملي کي مجرماڻو، نهايت خطرناڪ، بين الاقوامي قانون، قطر جي خودمختياري ۽ اقوامِ متحده جي چارٽر جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو، هن خبردار ڪيو ته فلسطين ۽ مغربي ايشيا ۾ صهيوني حڪومت جي ڏوهن تي عالمي برادري جي خاموشي سڀني لاءِ خطرو آهي، متحده عرب امارات (يو اي اي) جي صدر جي سفارتي مشير چيو ته اسان قطر سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هن ’غدارانه‘ اسرائيلي حملي جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، اقوامِ متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي ۽ ان کي قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ چيو ته قطر غزه ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۽ حماس جي قبضي ۾ موجود سڀني يرغمالين جي آزادي لاءِ نهايت مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم شهبازشريف قطر جي امير سان رابطو ڪري اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي،فرانس جي صدر به چيو ته اسان قطر سان گڏ آهيون،وائيٽ هائوس ترجمان چيو ته صدر ٽرمپ اسرائيلي بمباري تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.