اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف زرعي پيداوار ۽ فوڊ سيڪيورٽي تي تازي ٻوڏ جي پوندڙ اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن جي سربراهي وفاقي وزير براءِ نيشنلفوڊ سيڪيورٽي ڪندو، ڪميٽي ۾ وفاقي وزير منصوبا بندي ۽ ترقي، ناڻي وارو سيڪريٽري ، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا چيف سيڪريٽري شامل هوندا، ان کان سواءِ پنجاب ۽ سنڌ جا سيڪريٽري زراعت، ڊي جي سپارڪو، ڊي جي لينڊ انفارميشن مينيجمينٽ سسٽم پڻ ڪميٽي جو حصو هوندا، ڪميٽي وڏن فصلن جهڙوڪ ڪمند، ڪپهه، چانورن، مڪئي ۽ ڀاڄين جي نقصان جو اندازو لڳائيندي.