اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن تي ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪروڙين شهرين جي نگراني چين ۾ تيار ڪيل فائروال ۽ فون ٽيپنگ سسٽم ذريعي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان نگراني ۽ سنسرشپ جو هي نظام چيني، يورپي ۽ اتر آمريڪي ڪمپنين جي مدد سان هلائي رهيو آهي، جنهن وسيلي سوشل ميڊيا تان تنقيدي مواد ۽ اختلاف راءِ رکندڙ آواز کي سينسر ڪري سگهجي ٿو، جيڪو رياستي نگراني جو وڏو مثال آهي، هن رپورٽ تي اڃا تائين حڪومتِ پاڪستان پاران ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي، ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لا فل انٽرسيپٽ مينيجمينٽ سسٽم (Lawful Intercept Management System) جي ذريعي گهٽ ۾ گهٽ 40 لک موبائل فونز کي هڪ ئي وقت ٽيپ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته انٽرنيٽ جي مواد کي فلٽر ۽ سينسر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ويب مينيجمينٽ سسٽم 2.0 فائروال‘ هڪ ئي وقت ۾ 20 لک انٽرنيٽ سيشنز کي بلاڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، رپورٽ مطابق پاڪستان جو WMS ۽ LIMS واچ ٽاور وانگر ڪم ڪن ٿا ۽ عام شهرين جي لڳاتار جاسوسي ڪن ٿا، توهان جا ٽيڪسٽ، اي ميلز، ڪالز ۽ انٽرنيٽ تائين رسائي سڀ ڪجهه جاچ هيٺ آهي، پر ماڻهن کي هن لڳاتار نگراني جو علم ئي ناهي.