لاهور(بيورو) پنجاب اسيمبلي ۾ ٿيل سينيٽ جي ضمني اليڪشن ۾ غير سرڪاري نتيجن مطابق ن ليگ جو راڻا ثنا الله 250 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، هي سيٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعجاز احمد چوڌري جي نااهلي بعد خالي ٿي هئي، ووتنگ جو عمل پنجاب اسيمبلي جي نئين عمارت ۾ ٿيو، جتي اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪيو، اليڪشن ڪمشنر موجب ڪاميابي لاءِ اميدوار کي 181.5 ووٽ گهربل هئا۔ مسلم ليگ ن ۽ ان جي اتحادي جماعتن جي حمايت يافته راڻا ثنا الله کي 263 ووٽن جي حمايت حاصل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي،، جڏهن ته اپوزيشن جي اميدوار سلمٰى اعجاز کي 100 ووٽن جي حمايت حاصل هئي.