ميرپور ساڪرو (رپورٽ :عبدالرزاق ڪلمتي)ميرپور ساڪرو جي وڏي ۾ وڏي سم نالو ڄام ساڪرو آئوٽ فال ڊرين اور ٽاپ ٿي پيو پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاھي پيو،يوسي ڪڪڙاند جا ڳوٺ حاصل خان رند، شفيع محمد رند، ڳوٺ مراد علي رند، رتو خان رند سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا ڊرينيج کاتي جون اختياريون نه پھتيون، پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ ڪري ڳوٺاڻا سخت مشڪلات ۾ اچي ويا،ڳوٺاڻن صوبائي وزير علي حسن زرداري کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي