ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ موسميات کاتي تازي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ اولهه سنڌ تي موجود ڊپريشن ۾ تبديل ٿيندڙ چوماسي سسٽم ڪراچي کان پري ٿي رهيو آهي.
موسميات کاتي موجب اهو سسٽم ڪراچي کان 60 ڪلو ميٽر اولهه ۾ موجود آهي، ڊپريشن وڌيڪ اولهه ۾ بلوچستان جي سمنڊ ڏانهن ويندو ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ گهٽجي دٻاءَ جي سسٽم ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سڀاڻي هلڪي برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.