لاهور/ملتان(بيورو رپورٽ/م ڊ) ڀارت ٻيهر ستلج درياءَ ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو، جنهن سبب ستلج ۾ وڏي ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڄي پنجاب ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهين جو سلسلو جاري آهي. چناب جي ٻي ٻوڏ واري لهر ملتان ۾ هيڊ محمد والا ڏانهن وڌي رهي آهي، شهر کي بچائڻ لاءِ شير شاه بند ۾ ڪٽ ڏيڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي۔ فيصل آباد ۾ برسات جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، جڏهن ته لاهور ۾ به زور شور سان مينهن وسيو۔ ڀارتي هاءِ ڪمشنر ستلج ۾ هاءِ فلڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٻيهر درياءَ ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي۔ ستلج ۾ هريڪي ۽ فيروزپور جي مقام تي وڏي سطح جي ٻوڏ جو امڪان آهي. ڀارتي هاءِ ڪمشنر صبح 8 وڳي وزارت آبي وسيلن کي هاءِ فلڊ الرٽ موڪليو، جنهن تي وزارت آبي وسيلن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ بابت اطلاعنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي تباهين جو سلسلو جاري آهي، سوين گهر، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ملتان جي ڀرپاسي درياءَ چناب سان لڳندڙ ڪيترن ئي وسندين ۾ 5 کان 10 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي۔ ان ڏس ۾ خانيوال جي تعلقي ڪبيروالا ۾ درياءَ راوي ۽ درياءَ چناب ۾ ٻيهر وڏين ٻوڏن جو منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جنهن سبب ڪڻڪ سان ڀريل هزارين ٻوريون پاڻي ۾ لڙهي ويون آهن.