ملڪ ۾ اٽي جو بحران،کنڊ بعد شهرين لاءِ ماني به مهانگي

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ سبب تندور مالڪن ماني مهانگي ڪري ڇڏي، 40 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 3,943 رپيا ٿي وئي آهي، جيڪا گذريل 72 هفتن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ هاڻ صارفين کي اٽي ۽ ماني لاءِ به وڌيڪ قيمتون ڀرڻيون پيون ٿيون، ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جون قيمتون لڳاتار وڌي رهيون آهن. ڪراچي ۾ تندور هلائيندڙن مختلف قسمن جي مانين جي قيمتن ۾ سراسري طور 2 رپيا في ماني واڌ ڪئي آهي، جنهن جو بار گهڻو ڪري گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن طبقي، خاص طور تي روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدورن تي پيو آهي، جيڪي عام طور تي مقامي هوٽلن ۽ تندورن تان کاڌو وٺن ٿا۔برانڊيد اٽي جي قيمتن ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ڪجهه مل مالڪن 5 ڪلو فائين اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 700 رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي، جيڪا پهرين آگسٽ تي 500 رپيا ۽ پهرين سيپٽمبر تي 600 رپيا هئي. پرچون وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته وڏا واپاري اڳ ۾ محفوظ ڪيل پراڻي اٽي جا ذخيرا وڪرو ڪري منافعو ڪمائي رهيا آهن، ڇو ته طلب وڌي وئي آهي. آل سنڌ شيرمال تندور روٽي ايسوسيئيشن جي ميمبر سلمان ميان آرائين ٻڌايو ته جيڪي تندور وارا اڳي 180 گرام وزن جو نان 22 يا 23 رپيا ۾ وڪرو ڪري رهيا هئا، انهن هاڻ ان جي قيمت 25 رپيا ڪري ڇڏي آهي۔اهڙيءَ ريت، چپاتي جي قيمت به 2 رپيا وڌي وئي آهي، جيڪا هاڻ 14 کان 15 رپيا ۾ ملي رهي آهي، جڏهن ته اڳي اها 11 يا 12 رپيا ۾ دستياب هئي۔ ڪجهه تندور مالڪن اٽي جي وڌندڙ قيمتن جو پورو بار صارفين تي منتقل نه ڪيو آهي ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي جي اميد ۾ انتظار ڪري رهيا آهن.سلمان ميان آرائين موجب، فائين اٽي جي 50 ڪلو جي ٿيلهي جي قيمت صرف هڪ مهيني ۾ 1,900 رپيا وڌي 5,700 رپيا ٿي وئي آهي، جيڪا اڳي 3,800 رپيا هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.