ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ باهه، عمارت ڊهي پئي، 5 فائر فائٽر زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي نيو ڪراچي سيڪٽر اي اٺ ۾ هڪ گارمنٽس فيڪٽري ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي جنهن دوران ٽي ماڙ عمارت زوردار ڌماڪي سان ڊهي پئي، نتيجي ۾ 5 فائر فائٽر زخمي ٿي پيا جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ريسڪيو اختيارين موجب، باهه لڳڻ جي اطلاع تي فائر بريگيڊ جون ٻه گاڏيون پهتيون، پر باهه جي شدت وڌڻ بعد وڌيڪ گاڏيون گهرايون ويون, مجموعي طور 14 فائر برگيڊ گاڏيون ۽ رضاڪار باهه وسائڻ ۾ مصروف رهيا، آپريشن هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن سان عمارت ڊهي پئي ۽ ڪيترائي اهلڪار ملبي هيٺ اچي زخمي ٿيا، خدشو آهي ته ڪجهه ماڻهو اڃا به ملبن هيٺ دٻيل آهن، باهه سبب فيڪٽري سان لاڳاپيل تعمير هيٺ عمارت ۾ به شيٽرنگ کي باهه لڳي وئي جنهن تي ريسڪيو ٽيم وقت سر ضابطو آڻي ورتو، اختيارين جو چوڻ آهي ته فائر جي شدت سبب عمارت جي بنيادن کي نقصان رسيو، جنهن ڪري اها ڊهي پئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.