ڪرپشن وڌي وئي،پاڪستانين کي اخلاقي نظام درست ڪرڻ گهرجي\خالد انعم

لاهور(ع آ نيوز) سينيئر اداڪار ۽ گلوڪار خالد انعم چيو آهي ته پاڪستانين کي پنهنجواخلاقي نظام درست ڪرڻ جي ضرورتآهي، ڇو ته هتي ماڻهو قائداعظم ۽ ڪرپشن ٻنهي تي مڪمل ايمان رکن ٿا. هن چيو ته جتي قائداعظم جيتري وڏي تصوير لڳل هوندي آهي، اتي اوتري ئي وڏي رشوت ورتي ويندي آهي. خالد انعم تازو ئي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته جهڙيءَ طرح اسان ٻارن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ويڪسين لڳرائيندا آهيون، اهڙيءَ طرح اخلاقي زوال کان بچڻ لاءِ به اسان کي پنهنجو اخلاقي فائبر مضبوط ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هن قائداعظم محمد علي جناح جي ويجهي دوست ڪائوسجي جو ڪتاب پڙهيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن جناح صاحب کي خبر هجي ها ته پاڪستاني ماڻهو ڪهڙا هوندا، ته هو ڪڏهن به پاڪستان نه ٺاهين ها. هن افسوس سان چيو ته پاڪستانين قائداعظم سان به انصاف نه ڪيو،سندس ايمبولينس خراب هئي۽ اڄ تائين ملڪ جون ايمبولينسون به خراب آهن. روزانو ماڻهو رستن تي مرن ٿا. خالد انعم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ قانون بدران قائداعظم (پئسن) جو وڌيڪ احترام ڪيو وڃي ٿو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.