حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ پاڻي جي قدرتي لنگھن ۽ ٻيلن تي ٿيل قبضن کي تباھي جو ھڪ وڏو ڪارڻ قرار ڏيندي اھي قبضا ختم ڪرائي پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. سنڌ آبادگار بورڊ اھو پڻ چٽو ڪري ڇڏيو آھي ته اھي قبضا ختم ڪرائڻ ناممڪن سمجھڻموسمياتي خطري جي ٽائيم بم تي ويهڻ برابر آهي. حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاھ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ محمد ملوڪ نظاماڻي، سيد سلمان علي شاھ، عمران بوزدار، طاھا ميمڻ، ارباب احسن، عبدالحفيظ نظاماڻي، قاضي عديل، عبدالجليل نظاماڻي، مصطفيٰ نواز شاھ، شاھنواز برماڻي، مراد علي شاھ بڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻھراڙين جي معيشت تي مينھن ۽ ٻوڏ جي اثرن جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ ۾ مينھن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل وڏي تباھي تي ڳڻتي پڻ ظاھر ڪئي وئي. سنڌ آبادگار بورڊ آبپاشي جي حڪمت عملي کي موسمياتي تبديلي جي نين حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ٻيهر ترتيب ڏيڻ ضروري قرار ڏيندي چيو آھي ته آبپاشي کاتي کي گهڻي برسات ۽ اوچتي ٻوڏ کي وڌيڪ سنجيدگي سان وٺڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻو پاڻي سنڌ مان ئي گذري ٿو، تنهن ڪري آبپاشي جي پراڻي انفراسٽرڪچر جو جائزو وٺڻ انتهائي اهم آهي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته پھرئين قدم طور تي هاءِ ويز جي ھيٺان پاڻي گذارڻ لاءِ رستا بحال ڪيا وڃن، جيڪي ھاءِ ويز ٺاھڻ وقت بي ڌياني سبب بند ٿيل آھن. ان کان علاوہ پاڻي جي قدرتي لنگھن تي قائم ڪيل فارم ھائوس ۽ ٻين قبضن کي ختم ڪرايو وڃي اڳواڻن چيو ته ڪچي ۾ موجود ٻيلا جيڪي دريا ۾ چاڙهه واري پاڻي کي گذارڻ جو ڪم ڪندا ھئا اھي پڻ قبضن جي ور چڙھي ويا آھن جنھن جي نتيجي ۾ هڪ طرف ٻيلن جي وڏي پيماني تي واڍي ٿي ته ٻي پاسي ٻوڏن سبب وڌي نقصان کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.موجوده سوچ جنهن ۾ پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه خالي ڪرائڻ ناممڪن قرار ڏنو پيو وڃي سا حقيقت ۾ موسمياتي خطري جي ٽائيم بم تي ويهڻ برابر آهي.