ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌو درياءَ کي ڊيلٽا تائين پاڻي پهچائڻ ڏنو وڃي، سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي زيان نه ٿو ٿئي. سنڌو جي ڊيلٽا جون 17 ڪريڪس ھيون جيڪي ختم ٿينديون پيون وڃن، ۽ سمنڊ جو پاڻي سنڌ جي چئن ضلعن جي زمين تي چڙهي ويو آهي . لکين ايڪڙ زمين، ڪيترائي ڳوٺ سمنڊ پائي ويو آهي. اهي ڳالهيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران دريا خان پل تي درياء تي گلن جي ورکا ڪرڻ وقت جمع ٿيل ماڻهن کي خطاب ڪندي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ڪيون. ھن وڌيڪ چيو ته اسان کي سخت افسوس آهي جو حڪمران اشرافيا دريائن جي ڪناري قبضا ڪرائي، دريائن جي گذرگاهن کي بند يا سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري درياء جوش ۾ اچڻ کانپوءِ سڀ ڪجهھ ٻوڙي وهائي وڃن ٿا. حڪمرانن لاءِ ٻوڏ يا زلزلو ڪمائي جو ذريعو ٿي وڃي ٿو. ڪامريڊ قاضي وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ ۾ ته اڃان ايترو به پاڻي ڪونهي جو درياءُ جي پيٽ ۾ ٺھيل ٻيلاٽيون ٻڏن. بحر حال ايتري پاڻي اچڻ سان به سمنڊ جي ڪناري رهندڙ آباديون ٻهڪي اٿيون آھن. سنڌو درياءُ کي وھڻ ڏنو وڃي ته سمنڊ جي پاڻي کي ڌڪي ۽ پوري سمنڊ ڪناري تمر جا ٻيلا لڳائي سگهجن ان موقعي تي ماحولياتي گدلاڻ خلاف ۽ ڊيلٽا تي ڪم ڪندڙ مشهور سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر حيدرشاه ۽ علي رضا وڻجاري پڻ خطاب ڪيو.