عليما خان کان سوال پُڇڻ تي صحافين تي تشدد، ڪيس داخل

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران بدمزگي جو واقعو پيش آيو، عليمه خان جي ميڊيا ٽاڪ دوران صحافي طيب بلوچ شوڪت خانم اسپتال جي فنڊن مان آمريڪا ۾ جائيدادون ٺاهڻ بابت سوال پڇيو جنهن تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڏمرجي پيا، کيس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ صحافين سان هاٿاپائي ڪري گاريون به ڏنيون، جنهن بعد صحافين عليمه خان جي ميڊيا ٽاڪ جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن تي به هڪ صحافي کي وڌيڪ تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ٻين صحافين کي به ڌڪا ڏنا ويا، ٻي پاسي صحافي طيب جي فرياد تي عليما خان، نعيم پنجوٿا، ايم پي اي تنوير اسلم، اظفر ۽ ٽوما، انتصار ستي سميت 40 اڻڄاتل پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.